ڪراچي ( اسٽاف رپورٽ) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪورونا فوتگين جي حادثن سان ڀيٽ ڪرڻ درست نه آهي، ڪورونا جي ڪري ڀلي ماڻهو گهٽ مرن پر پکڙبو تيزي سان آهي.وفاقي وزير اسد عمر جي ڪانفرنس تي رد عمل ظاهر ڪندي سعيد غني چيو ته ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جي انگ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، اسان کي حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ جو انتظار نه ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته، الله ڪري ڪورونا جي ڪري وڌيڪ جاني نقصان نه ٿئي.پيپلزپارٽي اڳواڻ چيو ته، الله ڪري جيئن اسد عمر سوچي رهيو آهي، اهڙيون ئي حالتون هجن.صوبائي وزير چيو ته ڪورونا فوتگين جي حادثن سان ڀيٽ ڪرڻ درست نه آهي، ڪورونا جي ڪري ڀلي ماڻهو گهٽ مرن پر پکڙبو تيزي سان آهي.