وزيراعظم صاحب! ڪم نٿو پڄي ته استعيفيٰ ڏئي هليا وڃو: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ سرڪار جي ڪا به مدد ناهي ڪئي، هن وبائي حالتن ۾ وفاقي سرڪار غريب طبقي جي لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڊاڪٽرز پنهنجون حياتيون خطري ۾ وجهي ڪورونا جو مقابلو ڪري رهيا آهن، هن وقت سياسي اختلاف پري رکي ڪورونا سان جنگ وڙهڻي آهي، وزير اعظم کي اندازو ئي ناهي ته توهان جي بيان جو ڪهڙو اثر ٿيندو آهي، ڪورونا پورهيت طبقي کي تمام گهڻو متاثر ڪيو، ڪير به ذميواري نڀائڻ لاءِ تيار ناهي، عمران خان صرف اسلام آباد جو وزيراعظم ناهي، 9ڊاڪٽر ڪورونا سان وڙهندي شهيد ٿيا، بلاول ڀٽو زرداري پريس ڪانفرنس دوران وڌيڪ چيو ته غريبن جي ڳالهه ڪندڙ وزيراعظم غريبن کان ڳڀو کسي ڇڏيو، وفاقي حڪومت هن وقت تائين غريبن لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ حڪومت ڏهاڙيدارن کي هن وقت تائين هڪ رپيو به ناهي ڏنو وفاقي حڪومت کي پنهنجي ذميواري کڻڻي پوندي، وفاقي حڪومت نالائقي سان صوبائي حڪومتن کي نقصان پهچايو، وفاقي حڪومت اسان جي هر ڪوشش کي نقصان پهچايو آهي، هُن چيو ته ڪورونا ۾ سڀ کان متاثر ڏهاڙي ڪمائيندڙ متاثر ٿيو آهي، طبي عملي جا 400 ماڻهو ڪورونا سبب متاثر ٿيا آهن، وزيراعظم کي اندازو ئي ناهي ته سندس بيانن جو ڪيترو اثر ٿئي ٿو، هن چيو ته ماڪڙ سنڌ ۾ اچي وئي، پر وفاق طرفان ڪو به تحرڪ ناهي ورتو ويو، اسان ڪيترو نقصان کڻون؟ ماڪڙ جي خاتمي وارو مامرو وفاق جو آهي، هيل تائين سنڌ جي مدد ناهي ڪئي. هُن چيو ته ڊپ آهي ته ڪورونا سبب ڪراچي جي صورتحال نيويارڪ جهڙي نه ٿي وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *