اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير شبلي فرار چيو ته آهي ته سندس ڪرادر سياسي آهي، عاصم باجوه کي پنهنجي مهارت آهي ،هو ٽيم بڻجي کيڏندا. وفاقي وزير شبلي فراز ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪورونا سان مزدور طبقي تي گهڻو اثر پيو آهي ، مزدور ڏهاڙيءَ کان محروم ٿي ويا آهن، وزيراعظم جو اسلامي رياست جو ويزن آهي ته ڪو غريب يا مزدور بک تي نه سمهي.شبلي فراز چيو ته ڪورونا جي ڪري سڀ کان وڌيڪ مزدور متاثر ٿيا آهن،ان لاءِ حڪومت جي سوچ جو محور به مزدورن جي ڀلائي آهي، احساس پروگرام تحت مزدورن لاءِ 200 ارب روپين جو پيڪيج ڏنو. وفاقي وزير چيو ته هنن لاڪ ڊائون دوران ڪجهه انڊسٽريون کوليون آهن پر اس او پيز سخت ٺاهي رهيا آهن ته جيئن ڪو نقصان نه ٿئي، احتياط سان گڏ ورڪز جو به تحفظ ڪرڻو آهي ته جيئن ڪاروباري زندگي هلندي رهي. سڌ سماءَ جي وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي ترجيح آهي ته موجوده ڪورونا وبا جي ڪري وڌيڪ نقصان کان بچاءُ ڪجي ۽ عوام جي زندگي تي به اثر نه پئي .شبلي فراز هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اپوزيشن سان دشمني يا سياسي انتقام جو معاملو ناهي، اپوزيشن بابت ڪيس ايندا آهن ان جو مقصد اپوزيشن کي نشانو بڻائڻ ناهي .هن چيو ته اپوزيشن حڪومتي ڪم تي تنقيد ڪري سگهي ٿي ،اهو حڪومت لاءِ بهتر آهي ،ان سان سندس اصلاح ٿيندي،اپوزيشين پنهنجو ڪرادار ادا ڪري ۽ حڪومت پنهنجو ڪردار ادا ڪندي .ارڙِهين ترميم ۾ تبديلي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ملڪ جي بقا انفرادي يا صوبائي بنيادن تي به پر گڏجي هلڻ ۾ آهي ،ارڙهين ترميم بعد صحت، انڊسٽريز سميت ڪيترائي ادارا هيٺين سطح تي منتقل ٿي چڪا آهن.هن چيو ته پاڪستاني ميڊيا جو ڪردار ۽ ان جا ورڪز سندس دل جي ويجهو آهن، ميڊيا جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا۽ کين بقايائون ڏنيون وينديون. ٻئي پاسي بلاول ڀٽو زرداري جي بيان تي ردعمل ۾ شبلي فراز چيوته بلاول ڀٽو زرداري ثابت ڪري ڇڏيو ته هو اشرافيا جو نمائندو آهي ، مزدورن ۽ پورهيتن سان بلاول ڀٽو جو ڪو به تعلق ناهي.هن چيو ته بلاول ڀٽو جي لاعلمي تي افسوس جو اظهار ئي ڪري سگهجي ٿو، احساس پروگرام ، لنگر خانا ۽ پناهه گاهون مزدورن سان وابستگي جو واضع اظهار آهي . وفاقي وزير چيو ته بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت جي نااهلي وفاق تي ٿوپڻ جي ڪوشش ڪئي آهي . شبلي فراز چيو ته بلاول صاحب سياست نه ڪم ڪري، هي وقت خدمت ڪرڻ جو آهي ، ڪورونا قومي مسئلو آهي ، ان تي سياست ڪرڻ وارن کي قوم معاف نه ڪندي.