ڪراچي( اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي اطلاعات، بلديات، مذھبي معاملن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته اڃا تائين ڪجھ نه ٿو چئي سگهجي ته ڪورونا وائرس جي وبا ڪيستائين رھندي ان لاء اسان کي ڪاروباري سرگرمين کي جاري رکڻ لاء موثر طريقي سان ايس او پيز ٺاھڻيون پونديون ته جيئن ڪاروباري سرگرميون بحال ٿي سگھن ۽ کي به سھولتون فراھم ٿي سگھن. اھڙن خيالن جو اظهار ھن اڄ پنھنجي جاري ڪيل بيان ڪيو. سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ھي ھڪ حقيقت آھي اسانکي ان کي سمجهڻ جي ضرورت آھي ته ھي معاملو طويل عرصي تائين ھلي سگھي ٿو ۽ انھن حالتن ۾ اسان کي ڪم به ڪرڻو پوندو ۽ احتياط پڻ ڪرڻو پوندو ۽ ان سان گڏوگڏ آ ھستي آھستي ڪاروباري سرگرمين کي بحال ڪرڻو پوندو. ھن چيو ته پوري دنيا ۾ رھڻي ڪرڻي جا طريقا بدلجي رھيا آھن ۽ اسانکي به اھو طريقو اپنائڻو پوندو. ھن چيو ته سنڌ صوبو اھو پھريون صوبو آهي جنھن ھن وبا کان بچاء لاءِ پھرين ڏينھن کان ئي حفاظتي اپاءَ ورتا، بعد ۾ پوري ملڪ ۾ انھن ئي طريقن تي عمل ڪيو ويو. سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن شروعات کان ئي پوري ملڪ۾ مثبت قدم کنيا وڃن ھا ته ھي وبا ايتري تيزي سان نه ڦھلجي ھا. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته مزدور ۽ پورهيت معاشري ۾ ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿو، ملڪي ترقي ۾ پورهيتن جو خاص ڪردار آهي، پ پ هميشه مزدورن جي حقن جو آواز اٿاريو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار ناصر حسين شاهه پهرين مئي تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو، صوبائي وزير موجب جن معاشرن ۾ مزدورن کي سندن حق نٿا ملن اهي معاشرا پوئتي هليا وڃن ٿا، دين اسلام ۾ به پورهيتن کي خاص مقام ۽ مرتبو عطا ڪيو ويو آهي، حضرت محمد صلم جي تعليم به اسان کي پورهيتن کي سندن حق انهن جو پگهر خشڪ ٿين کان اڳ ادا ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو، هن چيو ته پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِجيتريون قربانيون پورهيتن ڏنيون آهن انهن جو ڪو به ڪاٿو نه آهي