جوهري هٿيار ٺاهيندڙ ملڪ لاءِ وينٽي ليٽر ٺاهڻ ڪهڙو ڏکيو آهي: عمران خان

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم عمران خان ڪورونا وائرس جي ڪري دنيا کي پيش طبي اوزارن جي گهٽتائي تي چيو آهي ته جيڪو ملڪ جوهري هٿيار ٺاهي سگهي ٿو ان جي لاءِ وينٽي ليٽر بڻائڻ ڪيترو ڏکيو آهي؟اسلام آباد ۾ ڪامسٽيڪ هيڊ ڪوارٽرز ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري کي واڌايون ڏنيون ۽ چيو ته توهان جيڪو فيصلو ڪيو هو ته سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ ڪيتري صلاحيت آهي ته پاڪستان سڀ ڪجهه بڻائي سگهي ٿو.وزير اعظم عمران خان چيو ته جيڪي شيون قوم کي اڳتي کڻي وينديون آهن اُهي ان جا وسيلا نه پر ان جو اعتماد اڳتي کڻي ويندا آهن، جڏهن قوم پاڻ تي اعتماد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندي ته اڳتي وڌندي آهي.پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي عمران خان چيو ته قوم جيئن جيئن اڳتي وڌندي آهي ان جي اندر اعتماد وڌندو ويندو آهي ۽ هو هڪ اهڙي اسٽيج تي پهچي ويندو آهي ۽ سمجهي ٿو ته اسان جي سامهون جيڪا به ڏکيائي آئي اسان ان جو مقابلو ڪري سگهون ٿا.وزير اعظم چيو ته هڪ قوم جڏهن ان مائنڊ سيٽ تي پهچي ويندي آهي ته هو ڪجهه به ڪري سگهي ٿي.سندس چوڻ هو ته برطانيا هڪ ننڍڙو ٻيٽ آهي جيڪو سڄي دنيا تي حاوي ٿي ويو، هن وٽ ڪهڙيون خاصيتون هيون جو هو دنيا کي فتح ڪري ويا.وزير اعظم عمران خان چيو ته ڪورونا وائرس جي ڪري ملڪ ۾ ڪجهه ڳالهيون سامهون آيون آهن هڪ اِها ته جڏهن دنيا ۾ وينٽي ليٽرز جي طلب هجي ته لازمي ناهي ته اسان هر شئي درآمد ڪري سگهون، تڏهن اسان سوچڻ شروع ڪيو ته وينٽي ليٽرز بڻائڻ ڪيترر ڏکيو هو.وزير اعظم چيو ته اُهو ملڪ جيڪو جوهري هٿيار ٺاهي سگهي ٿو ان جي لاءِ وينٽي ليٽر بڻائڻ ڪيترو ڏکيو آهي؟ اِهو سينيٽائزر، ڊس انفيڪٽنٽس اوزار، اسان 22 ڪروڙ عوام جي لاءِ ڪيئن ٿا درآمد ڪري سگهون.عمران خان چيو ته دنيا ۾ وينٽي ليٽرز جي کوٽ سان اسان کي خبر پئي ته وينٽي ليٽرخز بڻائڻ ايترو ڏکيو ناهي.پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي هن چيو ته اسان نالج اڪنامي ۾ ڪا ترقي ناهي ڪئي، اسان تعليم تي پيسو خرچ ناهي ڪيو، ريسرچ تي خرچ ناهي ڪيو ڇو ته اسان سوچيو ئي ناهي اسان پاڻ به ڪا شئي ٺاهي سگهون ٿا.هن چيو ته اسان جي حڪمران اشرافيه ٻين تي ڀاڙڻ واري بيماري ۾ مبتلا آهي.وزير اعظم جو چوڻ هو ته ڪورونا وائرس مان ٻي ڳالهه اِها سامهون آئي ته صاحب اقتدار چاهن به ته ٻاهران علاج نٿا ڪرائي سگهن نه ته پهرين کنگهه به ايندي هئي ته عوام جي پيسي تي ٻاهران علاج ٿيندو هو، اڄ ائين نٿو ٿي سگهي اُتي وڌيڪ خطرو آهي.وزير اعظم چيو ته ان مان اِها ڳالهه سامهون آهي ته اسان پنهنجون اسپتالون ٺيڪ ڪرڻيون آهن، اسان کي اسپتالن تي سيڙپڪاري ڪرڻي آهي، ميڊيڪل انفرااسٽريڪچر کي ٺيڪ ڪرڻو آهي ته اڳتي اهڙي ڪا صورتحال سامهون اچي ته پوءِ ڇا ڪرڻو آهي.عمران خان چيو ته جيستائين اسان ۽ اسان جا وزير هتي علاج نه ڪرائيندا تيستائين سرڪاري اسپتالون ٺيڪ نه ٿينديون.وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت جو اسٽرانگ مين (طاقتور شخص) نريندر مودي ايترو ڊڄڻو نڪتو جو ان هڪ دم سڄو ملڪ بند ڪري ڇڏيو.پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي هن چيو ته ڀارت ۾ غريب ماڻهو 200 ميل پنڌ وڃي رهيا آهن سوچيو ئي ناهي ته عام ماڻهو جي زندگي ڇا هوندي.هن چيو ته جيڪڏهن توهان غريب جي پاڙي جو خيال ڪندا ته ڪورنا جڏهن غريب جي پاڙي ۾ پکڙندو ته اميرن جي پاڙن ۾ به هليو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *