ڪورونا وائرس سان صوبي ۾ ڪراچي شهر جا 3 ضلعا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا:سيد مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورتر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪورونا وائرس سان صوبي ۾ ڪراچي شهر جا 3 ضلعا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا.پنهنجي ويڊيو بيان ۾ ڪورونا وائرس بابت آگاهي ڏيندي سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته ڪالهه تائين اسان صوبي ۾ 30 هزار 346 ٽيسٽون ڪيون هيون ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 2 هزار 682 ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن مان وڌيڪ 298 ڪيس هاڪاري آيا، جنهن کانپوءِ ڪيسن جو گڏيل انگ 3 هزار 671 ٿي ويو آهي.هن ٻڌايو ته صوبي ۾ هيل تائين مجموعي طور ٽيسٽن جو انگ 33 هزار 28 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 730 ڄڻا وائرس مان ڇوٽڪارو به حاصل ڪري چڪا آهن، جيڪو مجموعي ڪيسن جو 20 سيڪڙو آهي.وڏي وزير موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 4 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، جنهن کانپوءِ فوتين جو ڪُل انگ 73 ٿي ويو، جيڪو مريضن جو 1.98 سيڪڙو آهي.سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ 3 ضلعا ڪراچي جا آهن، جن ۾ ڏکڻ ضلعي ۾ مجموعي طور 646 ڪيس، اوڀر ضلعي ۾ 491 ڪيس، جڏهن ته سينٽر ضلعي ۾ 436 ڪيس سامهون آيا آهن.سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي يونيورسٽي جي انٽرنيشنل سينٽر فار ڪيميڪل اينڊ بائيولاجيڪل ريسرچ ۾ پاڪستان جي سڀ کان وڏي بائيو سيفٽي ليول ٿري ليبارٽري قائم ڪري ڇڏي آهي، اها ليبارٽري اڄ کان فعال ٿي وئي آهي ۽ روز جي بنياد تي 8 سئو ٽيسٽون ڪندي، 3 هفتن ۾ ليب جي صلاحيت وڌي 2 هزار 4 سئو ٿي ويندي.هن چيو ضروري آهي ته وائرس جي آزمائش تي ضابطي لاءِ سماجي وٿي اختيار ڪئي وڃي، رمضان المبارڪ جو مهينو اچڻ وارو آهي، ماڻهو گهرن ۾ ويهي عبادت ڪن ته جيئن الله پاڪ اسان کي ان آزمائش مان جلد ڪڍي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *