اپوزيشن کي مسجدون کولڻ تي اعتراض ۽ پارليامينٽ کولڻ لاءِ بي چين آهي:فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم جي سڌ سماءِ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اپوزيشن جو منطق نرالو آهي، مسجدون کولڻ تي اعتراض ۽ پارليامينٽ کولڻ لاءِ بي چين آهي. پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته، اجلاس گهرائڻ اسپيڪر جو استحقاق آهي، ان تي حڪومت کي ڪو به اعتراض نه آهي پر عوام انهن جي ٻٽي معيار کان بيزار ٿي ويو آهي. هن چيو ته هڪ ئي وقت ۾ سندن بيان ۽ موقف پنهنجي سهولت موجب تبديل ٿيندا رهيا آهن، عوام کي بيوقوف نه سمجهيو وڃي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته، ن ليگي قيادت قول ۽ فعل جي تضاد جي زندهه فصل آهي. سڌسماءَ به بابت صلاحڪار چيو ته، هڪ طرف شهباز شريف ڪورونا جي خوف جي ڪري ٽه رڪني جاچ ٽيم جي سوالن جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته، هڪ طرف سماجي وٿيءَ تي زور ڏنو پيو وڃي، ته ٻئي طرف وري ڪيترن ئي پارليامينٽرين جي موجودگي ۾ اجلاس طلب ڪرڻ جو ضد ڪيو پيو وڃي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *