ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ سول انتظاميا سان هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو: آرمي چيف

راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته ڪورونا جي پکيڙ روڪڻ لاءِ سول انتظاميا سان هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو دورو ڪيو، جتي ڊي جي پلاننگ اين سي او سي جنرل آصف محمود گورايا طرفان کيس جاري سرگرمين تي بريفنگ ڏني وئي.پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته جنرل قمر جاويد باجوا کي ڪورونا جي پاڪستان ۾ امڪاني پکيڙ روڪڻ لاءِ قدمن بابت آگاهه ڪيو ويو، جڏهن ته کيس وائرس سان پيدا ٿيندڙ صورتحال، نيشنل ڪمانڊ جي فيصلن، سول انتظاميا جي مدد، سهڪار ۽ ٽيسٽنگ توڙي قرنطينه بابت به بريفنگ ڏني وئي.ان موقعي تي آرمي چيف ڪورونا جي روڪٿام لاءِ محدود وسيلن ۾ کنيل قدمن ۽ ڪوششن جي واکاڻ ڪئي ۽ اين سي او سي جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي ڪورونا جي خطري بابت جائزي کي جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ هو ته پاڪ فوج ڪورونا وبا جي پکيڙ کي روڪڻ ۽ عوام جي مدد لاءِ سول انتظاميا سان هر ممڪن سهڪار جاري رکندي.هن هدايت ڪئي ته پاڪ فوج رمضان المبارڪ ۾ ٻين ادارن سان گڏجي قوم کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري ۽ وائرس سبب معاشي، سماجي ۽ نفسياتي اثرن تي به نظر رکي وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *