اسلام آباد/ ڪراچي (م ڊ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 5 فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ موذي مرض سبب فوتگين جو گڏيل انگ 212 ٿي ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ10072 تائين پهچي ويو.212 فوتگين مان سڀ کان وڌيڪ فوتگيون خيبرپختونخواهه مان سامهون آيون جتي 80 ڄڻا لاڏاڻو ڪري چڪا آهن.ان کان سواءِ سنڌ ۾ 69، پنجاب ۾ 51، بلوچستان ۾ 6 جڏهن ته گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد ۾ 3-3 ڄڻا ان بيماري سبب فوت ٿيا.اڄ اربع ڏينهن سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 406 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ۽ 5 فوتگيون به سامهون آيون آهن جنهن مان سنڌ ۾ 320 ڪيس ۽ 3 فوتگيون، پنجاب ۾ 76 ڪيس 2 فوتگيون، اسلام آباد 9 ڪيس ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.سنڌ ۾ اڄ وڌيڪ 320 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي ۽ 3 ڄڻا ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويا.سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب موجب سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيلن جو انگ 69 ۽ متاثر مريضن جو انگ 3373 آهي.مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته صوبي ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 50 ڄڻا صحتياب ٿيا آهن جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيلن جو انگ 715 ٿي ويو آهي.پنجاب ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 76 ڪيس سامهون آيا آهن جڏهن ته 2 فوتگيون به ٿيون آهن جنهن جي تصديق پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ٽوئيٽر جي ذريعي ڪئي.ترجمان موجب صوبي ۾ نون مريضن کان پوءِ تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 4331 ۽ فوتگيون 51 ٿيون.پنجاب ۾ هن وقت تائين ڪورونا مان 724 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.وفاقي راڄڌاني ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا 9 ڪيس سامهون آيا جيڪي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ڪيا ويا آهن.رپورٽل موجب اسلام آباد ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 194 ٿي ويو آهي جڏهن ته شهر ۾ هن وقت تائين وائرس مان 3 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.آزاد ڪشمير ۾ اڄ ڪورونا وائرس جو هڪ ڪيس سامهون آيو جيڪو سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ڪيو ويو جنهن کان پوءِ علائقي ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 51 ٿي ويو آهي.