ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين وزيرن ۽ ڪابينا جي اڳواڻن پوليس پاران شهرين سان غير مناسب سلوڪ جو فوري طور نوٽس ورتو آهي خاص ڪري عورتن سان غير مناسب رويي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڏيکاريو آهي. ۽ ايڊيشنل آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ به لاڳاپيل پوليس عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو عوام سان عزت ۽ احترام سان پيش اچن ۽ خوش اخلاقي جو مظاهرو ڪن صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه پنهنجي جاري ٿيل بيان ۾ چيو ته پوليس کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته اگر عورتون موٽر سائيڪل تي وڃي رهيون هجن ۽ اهي پنهنجي وڃڻ لاءِ ڪو اڻٽر يا لازمي سبب ڄاڻين ٿيون ته انهن کي وڃڻ ڏنو وڃي، مثال طور اسپتال وڃڻو آهي يا ڪا ٻي اڻٽر ڳالهه هجي ته وڃڻ ڏنو وڃي. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت کي عوام جي وسيع مفاد لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا ٿا پون پر ان جو مطلب هرگز اهو ناهي ته عوام سان غير انساني ۽ نا مناسب سلوڪ روا رکيو وڃي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته عوام سان همدردي سان پيش اچو صوبائي وزير چيو ته وبا جي مرض کان بچاءُ جي هڪ ئي صورتحال آهي ته هڪٻئي سان فاصلو رکيو وڃي ۽ بنا سبب گهرن کان ٻاهر نه نڪرجي. اطلاعات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته اهو ڏسڻ ۾ آيو آهي ته ماڻهو موٽر سائيڪل جي ڊبل سواري جو ناجائز فائدو وٺي رهيا آهن ۽ موٽر سائيڪل تي ٽي ٽي ماڻهو سواري ڪن ثا. ۽ هاڻي اسان اهي هدايتون جاري ڪيون آهن ته عورتون اگر ڪنهن اڻٽر سبب جي ڪري ٻيلهه سواري تي وڃي رهيون هجن ته انهن کي رعايت ڏني وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت اهو نٿي چاهي ته عوام سان زيادتي ۽ نا انصافي ٿئي پر عوام کي به اپيل آهي ته هو غير ضروري گهرن کان ٻاهر نه نڪري. اگر ڪو ٻيلهه سواري ڪندي نظر اچي ٿو ته ان جي ٻئي ماڻهو کي هڪ ڪلاڪ لاءِ ويهاريو وڃي ۽ بعد ۾ وڃڻ ڏنو وڃي ليڪن غير انساني سلوڪ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته سنڌ جي صحت کاتي ۽ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسي ايشن جي مطابق اهو چيو پيو وڃي ته مئي جي وچ ۽ آخر تائين بيماري جي شدت وڌيڪ وڌندي ان لاءِ سخت لاڪ ڊائون جي ضرورت آهي جنهن لاءِ عوام کي تعاون ڪرڻو پوندو ۽ لاڪ ڊائون جي پاپندي سان گڏوگڏ سماجي فاصلا به رکڻا پوندا. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته عوام جي تعاون سان ئي ان جنگ کي کٽڻ جي ڪامياب ڪوشش ٿي سگهي ٿي.