ڪراچي ۾ شديد متاثر علائقن کي سيل ڪيو ويو آهي:وزيراعليٰ سنڌ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اپيل ڪئي آهي ته پيرسن ماڻهن کي گهرن مان نه نڪرڻ ڏنو وڃي ۽ ٻاهر نڪرندڙ نوجوان گهر ۾ اچي هٿ ڌوئن ۽ ٻيا احتياطي قدم بندوبست ڪرڻ کان پوءِ به انهن سان فاصلو رکن ڇو ته وائرس مان متاثر ٿيڻ جي صورت ۾ انهن جي صحت تيزي سان خراب ٿيندي آهي.سنڌ جي وڏي وزير ٻڌايو ته صوبي ۾ وڌيڪ 66 ڄڻن جي ڪووڊ-19 مان متاثر ٿيڻ کان پوءِ صوبي ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ هڪ هزار 518 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 8 ڄڻا صحتياب به ٿيا آهن.خاص ويڊيو پيغام ۾ هن ٻڌايو ته سنڌ صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ جي لاءِ هن وقت تائين گڏيل طور تي 14 هزار 503 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن.سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته ٽيسٽنگ ڪٽون ۽ ٻيون شيون ملڻ کان پوءِ ڪالهه اسان 1700 نمونا حاصل ڪيا هئا جنهن جا نتيجا اڄ اچي ويندا.هن ٻڌايو ته هن وقت تائين صوبي ۾ 427 ڄڻا صحتياب ٿي پنهنجي گهرن ڏانهن وڃي چڪا آهن جيڪو گڏيل ڪيسن جو 29 سيڪڙو آهي.وڏي وزير جو چوڻ هو ته سکر جي آئسوليشن سينٽر ۾ قرنطينه جي لاءِ هڪ هزار 388 ماڻهن مان 280 ڪورونا مان متاثر ٿيا هئا جنهن مان رڳو 9 مريض باقي رهجي ويا جنهن جي ٽيسٽ ناڪاري اچڻ تي انهن کي گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو ويندو.فوتگين جي حوالي سان هن ٻڌايو ته ان وبا جي ڪري 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 4 فوتگيون ٿيون جنهن جي ڪري صوبي ۾ فوتگين جو انگ 35 ٿي ويو آهي جيڪو گڏيل فوتگين جو 2.3 سيڪڙو آهي.مراد علي شاهه مريضن جا انگ اکر ٻڌائيندي چيو ته گهرن ۾ 671 مريضن کي آئسوليٽ ڪيو ويو آهي جڏهن ته آئسوليشن سينٽرز ۾ 58 ۽ مختلف اسپتالن ۾ 327 مريض موجود آهن اهڙي طرح صوبي ۾ هڪ هزار 56 ڄڻا علاج هيٺ آهن.هن چيو ته اسان ٽيسٽنگ جي گنجائش کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ متاثر علائقن ۾ وڌيڪ ٽيسٽون ڪرڻ ۽ انهن کي آئسوليٽ ڪرڻ جو ڪم ڪري رهيا آهيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *