ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاڪ ڊائون کي ٻن هفتن لاءِ سخت ڪرڻ ۽ ڪورونا نيشنل ايڪشن پلان جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، وڏي وزير چيو آهي ته پئسا ورهائڻ لاءِ ماڻهن کي گڏ ڪرڻو آهي ته لاڪ ڊائون جو ڪوبه فائدو ناهي، لاش کڻڻ جو انتظار ڪرڻ بدران گڏيل فيصلا ڪيا وڃن ته بهتر آهي، معيشت کي وري جيئندان ڏئي سگهجي ٿو پر ماڻهن جون زندگيون موٽائي نٿيون سگهجن. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير چيو ته ڪورونا جهڙي عالمي وبا کي منهن ڏيڻ پهريون تجربو هو، دُنيا جي ناڪامين ۽ ڪاميابين مان سکڻ کانسواءِ ٻيو آپشن نه هو، صوبي ۾ اڍائي لک خاندانن تائين خاموشي سان راشن پهچايو آهي، پر ماڻهن کي جيڪو وات ۾ آيو چئي ڇڏيو ۽ سمجهو ته ڪمال ڪيو آهي، ڪم ڪرڻ دوران غلطيون ٿي سگهن ٿيون، پر ڪم نه ڪرڻ وڏي غلطي آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ اڄ وڌيڪ 41 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي ۽ وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت ٿيڻ بعد فوتين جو انگ 31 ٿي ويو آهي. وڏي وزير چيو ته هيل تائين 524 ماڻهو صحتياب ٿي چڪا آهن ۽ هيل تائين 13 هزار 309 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا آهن، پر ٽيسٽ جي صلاحيت کي وڌائڻو پوندو. مراد علي شاهه چيو ته لاڪ ڊائون وڌائجي يا ختم ڪيو وڃي، سمورا صوبا گڏجي فيصلو ڪن ته اهو بهتر آهي، ڇاڪاڻ تي اڪيلي سر اسان فيصلو نٿا ڪري سگهون، وفاقي سرڪار جو گڏ هجڻ ضروري آهي. وڏي وزير چيو ته اسان سوچي سمجهي لاڪ ڊائون ڪيو آهي، صلاح مشوار ڪيا ويا، افواهون اٿاريون ويون آهن ته اسان ماڻهن کي گهرن ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي، ائين ناهي، اسان مرحيلوار رش لڳائڻ وارا هنڌ بند ڪيا هئا. وڏي وزير چيو ته اسان عوام کي رش کان بچائڻ جي لاءِ ڳجهه ڳوهه ۾ راشن تقسيم ڪيو، وفاقي سرڪار پاران پيسا ڏيڻ لاءِ ماڻهن جا هجوم گڏ ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، پر چئون ٿا ته اهيو قدم بهتر آهي ڇاڪاڻ ته ماڻهن کي پيسن جي ضرورت آهي. وڏي وزير چيو ته اسان چيو هو ته جيڪو ڪيو جلدي ڪيو، اسان کان غلطيون ٿيون پر لاڪ ڊائون ضروري هو، واحد حل سماجي وٿي آهي، ان ڪري اسان لاڪ ڊائون ڪيو.