سنڌ جي وڏي وزير طرفان متاثر علائقن ۾ موبائيل ٽيمن ذريعي ٽيسٽ ڪرائڻ جي هدايت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ جي لاءِ ليبارٽرين کي وڌيڪ ڪٽون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي وبائيل ٽيمن کي وڌيڪ ڪيس سامهون ايندڙ علائقن ۾ ٽيسٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ڪورونا وائرس جي حوالي سان اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن سعيد غني، مڪيش ڪمار چاولا، امتياز شيخ، ناصر شاهه، صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، ڊاڪٽر عبدالباري، سنڌ جي وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو ۽ سيڪريٽري صحت زاهد عباسي شريڪ ٿيا.اجلاس دوران بريفنگ ۾ سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٽيسٽ جي گنجائش 3 هزار 520 ٿي ويو آهي.هنن کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته سڄي صوبي ۾ 11 ادارن ۾ ٽيسٽون ٿي رهيون آهن جنهن ۾ آغا خان اسپتال، انڊس، سول اسپتال، اوجها، پي اين ايس شفا، ضيا الدين اسپتال، چغتائي ليب، ايس آءِ يو ٽي، لياقت يونيورسٽي اينڊ هيلٿ سائنسز (ايل يو ايم ايڇ ايس) حيدرآباد، جي آءِ ايم ايس گمبٽ ۽ جناح اسپتال ڪراچي ۾ ٽيسٽون ٿي رهيون آهن.بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته هن وقت 16 هزار 920، 15 هزار 920 وائرل ٽرانسپورٽ ميڊيا، 27 هزار ايڪسٽريڪشن ٽيسٽ ۽ 23 هزار 700 امپلي فڪيشن ٽيسٽ جي سهولت موجود آهي.سنڌ جي وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ويو ته هن جي منظوري سان 1 لک 90 هزار ڪٽن جا آرڊر ڏئي چڪا آهيون.ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ روزاني 760 وائرس جي سڃاڻپ لاءِ ٽيسٽون ٿي رهيون آهن.سنڌ جي وڏي وزير لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته مختلف ادارن ۾ ٽيسٽنگ ڪٽن جي ورڇ ڪئي وڃي، سڃاڻپ واريون ڪٽون جڏهن ليبارٽرين وٽ هونديون ته وڌيڪ ٽيسٽون ٿي سگهنديون.هن موبائيل ٽيمن جي ذريعي شهرن جي خاص علائقن کي ٽيسٽ ڪرڻ جي هدايتون ڏنيون ويون آهن، صوبي ۾ خاص علائقا اُهي آهن جتي وڌيڪ ماڻهن ۾ وائرس اچي رهيو آهي.مراد علي شاهه چيو ته اسان کي ان سسٽم کي وڌيڪ وسيع ڪرڻو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *