وزيراعظم سمورن صوبن ۾ وسندڙ پاڪستانين جي حقن جو محافظ آهي:فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد(بيورو): سڌ سماءَ بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سمورن صوبن ۾ وسندڙ پاڪستانين جي حقن جو محافظ آهي.پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سڀ ڄاڻن ٿا ته نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي ۾ فيصلا گڏيل طور طئي ڪيا وڃن ٿا ۽ سنڌ جو وڏو وزير ان ڪميٽي جو ميمبر آهي، سنڌ جو عوام پاڪستان جو شهري آهي، وزيراعظم عمران خان سمورين اڪاين ۾ وسندڙ پاڪستانين جي حقن جو محافظ آهي.خاص مددگار جو چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري جو بيان ڪورونا جي خلاف جنگ ۾ قومي يڪجهتي جي فضا کي پاره پاره ڪرڻ جي مترادف آهي، ارڙهين ترمين کانپوءِ صحت جو شعبو صوبائي اثر هيٺ آهي، گذريل هڪ ڏهائي کان وڌيڪ عرصي کان سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جو حڪومت آهي، هي سياست چمڪائڻ جو وقت ناهي، متحد ٿي سمورن وسيلن کي ڪتب آڻيندي ڪورونا وائرس کي شڪست ڏيڻي آهي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته ڪورونا تي ضابطو آڻڻ لاءِ وفاقي حڪومت سستيءَ کان ڪم پئي وٺي، ڪورونا خلاف صوبا پنهنجي پنهنجي طور تي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ان حوالي سان وفاق پاران تمام ٿوري امداد ملي رهي آهي. 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *