پشاور(م ڊ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڪورونا وائرس جو دٻاءُ وڌندو پر حڪومت ڊاڪٽرن ۽ طبي عمل جي حفاظت جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.وزير اعظم پشاور جي حيات آباد ميڊيڪل ڪمپليڪس جو دورو ڪيو جتي هن کي ڪورونا وائرس جي مريضن جي علاج لاءِ بندوبستن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي.ان موقعي تي وزير اعظم چيو ته حڪومت کي ڊاڪٽرن ۽ ٻئي طبي عملي جي تحفظ جو احساس آهي. آئون خاطري ڪرايان ٿو ته اسان توهان سان گڏ آهيون ۽ توهان جي حفاظت جي لاءِ بندوبست ڪري رهيا آهيون.هن چيو ته اسان کي موجوده صورتحال ۾ ڪورونا وائرس سان گڏوگڏ بک سان به وڙهڻو آهي.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته عالمي مارڪيٽن جي بندش سان خريداري ۾ ڏکيائي آهي پر نيشنل ڊيزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي چين ۽ ٻين ملڪن مان سامان گهرائي رهي آهي.هن چيو ته سڄي دنيا ڪورونا وائرس مان متاثر ٿي آهي ۽ عالمي مارڪيٽن جي بندش سبب خريداري ۾ ڏکيائيون ٿي رهيون آهن