اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب اڄ وڌيڪ 3 فوتگيون ٿيون جنهن کان پوءِ فوتگين جو گڏيل انگ 68 ٿي ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ متاثر ماڻهن جو انگ 4700 تائين پهچي ويو آهي.سڄي ملڪ ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس سبب 68 فوتگين مان خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ ۾ 22-22 جڏهن ته پنجاب ۾ 18 فوتگيون ٿي چڪيون آهن.ان کان سواءِ گلگت بلتستان ۾ 3، بلوچستان 2 ۽ اسلام آباد ۾ هڪ فوتگي ٿي آهي.اڄ سنڌ ۾ 86 ڪيس ۽ هڪ فوتگي، پنجاب ۾ 56 ڪيس، خيبرپختونخواهه ۾ 60 ڪيس 2 فوتگيون ۽ بلوچستان ۾ هڪ ڪيس سامهون آيو آهي.سنڌ ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 86 ڪيس ۽ هڪ فوتگي سامهون آئي آهي جنهن جي تصديق سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪئي.هن ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 586 وڌيڪ ٽيسٽون ويون ويون جنهن مان نين ٽيسٽن ۾ وڌيڪ 86 ڪورونا ۾ مبتلا ماڻهو مليا، ان حساب سان ڪورونا جي مريضن جو ڪل انگ 1214 ٿي ويو آهي.پنجاب ۾ اڄ ڪورونا جا وڌيڪ 56 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن جنهن کان پوءِ ڪيسن جو گڏيل انگ 2280 ٿي ويو آهي جڏهن ته هن وقت تائين 18 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.واضح رهي ته پنجاب ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس مان 39 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن.خيبرپختونخواهه ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 60 ڪيس ۽ ٻه فوتگيون سامهون آيون آهن جنهن کان پوءِ صوبي ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 620 ۽ فوتگيون 22 ٿي ويون آهن.صحت واري صوبائي وزير تيمور خان صوبي ۾ فوتگين ۽ نون ڪيسن جي تصديق ڪئي.تيمور خان موجب پشاور سان تعلق رکندڙ 55 سالن جي عورت ۽ مردان ۾ هڪ 40 سالن جو شخص لاڏاڻو ڪري ويو.بلوچستان ۾ اڄ ڪورونا وائرس جي رڳو هڪ ڪيس جي تصديق ٿي جنهن کان پوءِ صوبي ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 220 ٿي ويو آهي.صوبائي حڪومت جي ترجمان لياقت شاهواڻي ٻڌايو ته ٽيسٽ جون 188 رپورٽون مليون آهن جنهن مان رڳو هڪ مثبت ۽ 187 ناڪاري نتيجا سامهون آيا آهن جنهن کان پوءِ صوبي ۾ گڏيل انگ 220 آهي.وفاقي راڄڌاني ۾ اڄ ڪو به نئون ڪيس سامهون ناهي آيو البت خميس تي ڪورونا جا وڌيڪ 35 ڪيس سامهون آيا هئا.اسلام آباد ۾ وڌيڪ ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ شهر ۾ ڪورونا وائرس مان متاثر ماڻهن جو گڏيل انگ 118 ٿي ويو آهي.وفاقي راڄڌاني ۾ هن وقت تائين ڪورونا مان هڪ مريض لاڏاڻو ڪري ويو آهي.