منهنجو ڀيڻيوو ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيو، سنڌ ۾ فوتين جو انگ 22 ٿي ويو آهي:وزيراعليٰ سنڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته منهنجو ڀيڻيويو مهدي شاهه ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويو آهي، جنهن بعد صوبي ۾ فوتين جو انگ 22 ٿي ويو آهي ۽ وڌيڪ 86 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيڻ بعد مريضن جوانگ 1214 ٿي ويو آهي. جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ سيد مراد علي شاهه چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 586 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن، جن مان وڌيڪ 86 ماڻهن جا ٽيسٽ پوزيٽو آيا آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته هيل تائين 11 هزار 623 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن، هيل تائين 358 ماڻهو صحتياب ٿي چڪا آهن. وڏي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ هڪ مريض فوت ٿيو آهي، جيڪو منهنجو ڀيڻويو مهدي شاهه هو، جنهن بعد فوتين جو انگ 22 ٿي ويو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته مهدي شاهه 52 ورهين جو هو، 28 مارچ تي کيس ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق ٿي هئي، مهدي شاهه ڪورونا کان جنگ کٽي صحتياب ٿي چڪو هو، هن جا 2 ٽيسٽ ڪليئر آيا هئا. وڏي وزير چيو ته مهدي شاهه ڪورونا وائرس سبب ڦڦڙن ۽ ٻين عارضن ۾ مبتلا ٿي ويو هو، جنهن ڪري هو زندگي جي جنگ هارائي ويٺو هو. وڏي وزير چيو ته اسپتال ۾ مهدي شاهه کي ڪورونا مريض ڊڪليئر نه ڪيو ويو، ان باوجود ايس او پي جي بنياد تي تدفين ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته آئون هڪ ڀيرو ٻيهر عوام کي گذارڻ ڪيان ٿو ته هو پنهنجي گهرن ۾ رهن ۽ هڪ ٻئي جو خيال رکن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *