اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) وفاقي وزير اسد عمر ملڪ ۾ لاڪ ڊائون واري صورتحال دوران مهانگائي گهٽجڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي، وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي لاڳيتو گهٽجي رهي آهي ۽ عام واهپي جي شين جا اگهه به گهٽ ٿي ويا آهن. ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري لاڪ ڊائون سبب ماڻهو گهرن تائين محدود آهن، جنهن سبب ماڻهن کي راشن خريد ڪرڻ به ڏکيائون ٿي رهيون آهن. مختلف شهرن ۾ دڪاندارن عام واهپي جي شين جا اگهه به وڌائي ڇڏيا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ اسد عمر چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي لاڳيتو گهٽجي رهي آهي. هن چيو ته، هن هفتي مهانگائي جي اضافي جي شرح 8 ڏهائي 2 سيڪڙو ٿي وئي آهي. وفاقي وزير اسد عمر چيو ته جنوري جي آخر ۾ مهانگائي جي شرح 20 سيڪڙو وڌيڪ هئي، ايشيا ۾ ڪچي تيل جي استعمال جي مهانگائي جي شرح گذريل ٽن مهينن ۾ اڌ کان به گهٽ رهجي وئي آهي.