ووهان ۾ لاڪ ڊائون ختم، هزارين مسافر ٻين علائقن ڏانهن روانا

April 8, 2020 at 8:10 pm

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني شهر ووهان ۾ ٻن مهينن کان وڌيڪ عرصي کان جاري لاڪ ڊائون اڄ اربع ڏينهن ختم ڪيو ويو آهي.سڄي دنيا تائين پکڙجي ويندڙ ڪورونا وائرس جي وبا ان ئي شهر کان شروع ٿي هئي ۽ 11 ملين کان وڌيڪ آبادي جي ان شهر ۾ 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر، جڏهن ته اڍائي هزارن کان وڌيڪ فوت ٿيا هئا.رپورٽن موجب گزريل ٽن هفتن دوران ان شهر ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ تيزيءَ سان گهٽتائي ڏٺي وئي.لاڪ ڊائون ختم ٿيڻ کانپوءِ ووهان جي هوائي اڏي کان 10 هزار کان وڌيڪ مسافر ٻين علائقن ڏانهن روانا ٿيا.واضح رهي ته چين ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 62 نوان ڪيس سامهون آيا آهن پر انهن ۾ گهڻائي ٻاهرين ملڪن کان ايندڙ ماڻهن جي آهي.

اي پيپر