ڪورونا 209 ملڪن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، پوري دنيا ۾ 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا

April 8, 2020 at 8:07 pm

ڪراچي/ بيجنگ (ڊيسڪ رپورٽ) ڪورونا وائرس دنيا جي 209 ملڪن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، جتي هينئر تائين 14 لک 31 هزار 700 کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ۽ 80 هزار کان وڌيڪ فوت ٿي چڪا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران هزارين نوان ڪيسز سامهون اچڻ کانپوءِ امريڪا ۾ متاثر ماڻهن جو انگ 4 لک 412 تائين پهچي ويو جڏهن ته اجل جو شڪار ٿيندڙن جو انگ به 12 هزار 854 ٿي ويو آهي، رڳو نيويارڪ ۾ هڪ ڏينهن دوران 731 فوتگيون ٿيون. سموري صورتحال ۾ امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صحت واري عالمي اداري ڊبليو ايڇ او کي فنڊ روڪڻ جي ڌمڪي ڏيندي الزام لڳايو آهي ته اداري چين جي جي حوالي سان تعصباڻي پاليسي اختيار ڪئي ۽ ڪورونا وائرس کي روڪڻ لاءِ صحيح قدم نه کنيا، ٻئي پاسي اٽلي ۾ ڪورونا وائرس سان فوتگين جو انگ 17 هزار 127 ۽ اسپين ۾ 14 هزار 45 ٿي ويو آهي، فرانس ۾ وبا سبب هينيئر تائين 10 هزار 328 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن، برطانيه ۾ به وبا جا حملا جاري آهن ۽ فوتگين جو انگ 6 هزار 159 تائين پهچي ويو آهي، ايران ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتگين جو انگ 3 هزار 872 ٿي چڪو آهي، جڏهن ته چين ۾ فوتگين جو انگ 3 هزار 333 آهي، ڀارت ۾ وائرس سبب هينئر تائين 150 جڏهن ته پاڪستان ۾ 55 ۽ سعودي عرب ۾ 41 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، سموري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر 3 لک 2 هزار 150 کان وڌيڪ ماڻهو صحتياب ٿي چڪا آهن، جڏهن ته چين جي شهر ووهان مان 76 هين ڏينهن سفري پابنديون مڪمل طور تي ختم ڪيون ويون آهن، جنهن کانپوءِ رڳو ڪجهه ڪلاڪن ۾ 65 هزار کان وڌيڪ ماڻهو گهرن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ خوشي جو اظهار ڪيو، جڏهن ته جاپان ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

اي پيپر