اسلام آباد(بيورو): سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومت تي حملو ڪرڻ بجاءِ مخالف ڌر کي پنهنجوحساب ڏيڻو پوندو.پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمر ان خان پنهنجي عمل مان ثابت ڪيو آهي ته قانون کان ڪير به بالاتر ناهي، عمران خان يا ان جي خاندان ۾ ڪنهن جي ڪا شوگر مل ناهي، کنڊ جي بحران تي رپورٽ سامهون آڻڻ ان ڳالهه جو دليل آهي ته وزيراعظم جي ترجيح ڪو فرد نه پر عوام جي مفادن جو تحفظ آهي، عوام جي مفادن اڳيان جيڪو آيو ته عمران خان ان اڳيان ديوار ٿي بيهندو.خاص مددگار وڌيڪ چيو ته اپوزيشن رپورٽ کي سياسي رنگ ڏيڻ بجاءِ ان جي جذبي جو قدر ڪري جنهن تاريخ ۾ خوداحتسابي جو هڪ روشن مثال قائم ڪيو آهي، حڪومت تي حملو ڪرڻ بجاءِ اپوزيشن کي پنهنجو حساب ڏيڻو پوندو جنهن جي تاريخ مفادن جي ٽڪراءَ سان ڀري پيئي آهي، ماضي ۾ پٽ پيءُ کي چاچو ڀائٽي کي ۽ صدر انور مجيد کي سبسڊي ڏيندو هو، ماضي ۾ عوام بجاءِ مخصوص طبقو فائدو حاصل ڪندو هو، نئين پاڪستان ۾ ان جي بلڪل اجازت ناهي.