حڪومت لاءِ اٽي ۽ کنڊ جو اسڪينڊل سامهون اچي ويو آهي، ڪورونا وائرس سان ڪيئن منهن ڏيندي: چيف جسٽس

اسلام آباد(بيورو) چيف جسٽس آف پاڪستان چيو آهي ته حڪومت ڪورونا وائرس ۽ ٻين مسئلن سان ڪيئن منهن ڏيندي؟ حڪومت لاءِ ته اٽي ۽ کنڊ جو اسڪينڊل سامهون اچي ويو آهي.چيف جسس گلزار احمد ڪورونا وائرس دوران اسپتالن جي بندش بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا.چيف جسٽس پاڪستان چيو ته جڏهن ملڪ جا وڏا ئي ملڪ جو استحصال ڪندا ته پوءِ ڇا ٿيندو، احساس پروگرام تحت ڪروڙين ماڻهن کي پيسا ڏنا پيا وڃن، اهي ڪهڙا ماڻهو آهن.چيف جسٽس چيو ته ڪيئن خبر پوندي ته پيسا غريب ماڻهن تائين پهچي ويا آهن، وقت ڏاڍو اهم آهي وقت سان گڏ هلو نه ته پوئتي رهجي وينداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *