ڪجهه ماڻهو هڪ کان وڌيڪ ادارن کان راشن وٺي رهيا آهن: سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو هڪ کان وڌيڪ ٻين ادارن کان به راشن وٺي رهيا آهيون عالمي وبا ڪرونا وائرس سبب حڪومتي ۽ خانگي ادارا ملڪ ۾ لاڪ ڊائون جي صورتحال ۾ غريبن جي مدد لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن امدادي ادارن جي اڳواڻن صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ان دوران سعيد غني چيو ته سنڌ رليف انيشيٽو جي نالي سان ايپ ٺاهي آهي گهڻو پريشان اهي آهن جيڪي ڏهاڙي ڪمائيندڙ هئا بي آءِ ايس پي تحت جيڪو رقم وٺي رهيو آهي اهو ٻي ترجيح آهي هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ٻين بجلي ڪمپنين کان چار هزار تائين جا بجلي جا بل نه وٺڻ جو اعلان ڪيو جڏهن ته غريب آبادين کان ڪيبل ٽي وي جي فيس نه وٺڻ لاءِ چيو آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *