ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اڄ منهنجي ڳالهائڻ جو مقصد اوهان کي سڄي صوبي ۾ ڪورونا وائرس بابت آگاهي ڏيڻ آهي، سڄي صوبي ۾ 8931 ماڻهن جي ٽيسٽ ڪئي وئي، جنهن مان 881 ماڻهن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي، اهي ٽيسٽون 26 فيبروري کان شروع ڪيون ويون هيون، جن مان 123 ماڻهو صحتياب ٿي پنهنجن گهرن ڏانهن واپس هليا ويا آهن، 4 اپريل تي 68 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، 15 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، صحتياب ٿيلن کانپوءِ هن وقت ڪورونا وائرس ۾ 743 ماڻهو مبتلا آهن، جن جي گهرن ۾ آئسوليشن جي سهولت آهي، انهن کي گهرن ۾ رکيو پيو وڃي، اسان کي جن ماڻهن تي شڪ هوندو آهي ته انهن سان گهر جا ٻيا ڀاتي به انهيءَ وائرس سبب متاثر ٿي سگهن ٿا، انهن کي گورنمينٽ سينٽر ۾ رکندا آهيون،هن وقت 224 ڄڻا سرڪاري آئسوليشن سينٽر ۾ آهن، جڏهن ته 139 اسپتالن ۾ آهن. اسان هر ضلعي ۾ هڪ ڊسٽرڪٽ ريپڊريسپانس ٽِيم ٺاهي آهي، ٽيم جو ڪم آهي ته اهي ڪورونا وائرس جي مريضن جي تصديق ڪري ۽ گهر وڃي ٽيسٽ ڪري، منهنجي سڀني کي گذارش آهي ته اوهان سڀ گهرن ۾ رهو، جيڪڏهن ڪنهن کي ڪورونا وائرس جو خدشو آهي ته اهي ڏنل نمبرن تي رابطو ڪري ۽ جيستائين ٽيم نه ٿي اچي، تيستائين ڪنهن سان ملاقات نه ڪري، جيڪي ماڻهو صحتياب ٿيا آهن، انهن کي ڪا دوا ناهي ڏني وئي، انهن کي رڳو اڪيلو رکيو ويو، هن مرض جو هڪ ئي علاج آهي ته هر ماڻهو هڪ ٻئي کان پري رهي، سڀني کي گهرجي ته سنڌ سرڪار جو ساٿ ڏئي گهر ۾ رهڻ گهرجي. هن وقت تائين غريب آبادين مان ڪو وائرس ظاهر ناهي ٿيو، جيڪڏهن انهن علائقن ۾ ڪو وائرس ظاهر ٿيو ته پوءِ ضابطو آڻڻ ناممڪن ٿي ويندو، اسان هن وائرس سان رڳو هڪ ٻئي کان پري رهي مقابلو ڪري سگهون ٿا،