ڪورونا وائرس: وڌيڪ 6 ڄڻا فوت، فوتين جو انگ 34 ٿي ويو

ڪراچي/اسلام آباد(اسٽاف رپورٽر/بيورو رپورٽ) سنڌ سميت ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 6 انساني جانيون ڳڙڪائي ڇڏيون، فوتين جو انگ 34 ٿي ويو. سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 20 ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد ملڪ اندر ڪيسن جو انگ 2380 ٿي ويو.خيبرپختونخوا ۾ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا بنون ۽ نوشهره واسي وڌيڪ 2 مريض فوت ٿي ويا، جتي فوتين جو انگ 8 ٿي ويو، ڪراچي ۾ اڄ ڪورونا وائرس وگهي 86 سالن جو مريض فوت ٿي ويو، ان کان حيدرآباد ۾ ٽنڊو محمد خان واسي تبليغي منظور ميمڻ ڪورونا وائرس وگهي فوت ٿي ويو، جنهن بعد صوبي اندر هيل تائين 11 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، گلگت ۽ پنجاب ۾ به اڄ هڪ هڪ مريض فوت ٿي چڪا آهن، پنجاب ۾ 11 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، مجموعي طور ملڪ ۾ ڪورونا وائرس 33 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون آهن. سنڌ ۾ 54 ماڻهن سميت ملڪ اندر 107 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. ڪراچي ۾ 12 مقامي ۽ سکر ۾ 8 زائرين کي وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي، جنهن بعد صوبي اندر ڪورونا متاثرن جو انگ وڌي 763 ٿي ويو، صحت واري وزير عذرا پيچوهو ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته مقامي سطح تي به ڪيس تيزي سان ظاهر ٿي رهيا آهن، عوام احتياط ڪري. ڪراچي ۾ ڪيسن جو انگ 336، سکر ۾ انگ وڌي 273 ٿي ويو، حيدرآباد ۾ 137، لاڙڪاڻي ۾ 7، شهيد بينظير ۾ 6، ڄامشوري ۾ 2، دادو ۽ جيڪب آباد ۾ هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيل آهي. پنجاب ۾ وڌيڪ 69 ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ وڌي 914 ٿي ويو، لاهور ۾ 199، گجرات ۾ 90، جهلم ۾ 28، راولپنڊي ۾ 53، ننڪانه صاحب ۾ 13، گجرانوالا ۾ 14، فيصل آباد ۾ 9، سرگوڌا ۾ 10، حافظ آباد ۽ ڊيرا غازي خان ۾مقامي 5-5، منڊي بهاءُ الدين ۾ 4، رحيم يار خان، ميانوالي ۽ هڪ بهاولنگر ۾ 3-3، نارووال، ويهاڙي، لوڌران ۽ ملتان ۾ 2-2، اٽڪ، خوشاب، سيالڪوٽ، بهاولپور، قصور ۽ ليه ۾ هڪ هڪ ڪيس آهي، ملتان ۾ 91 زائرين ۽ ڊيرا غازي خان ۾ 213 زائرين کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي، جڏهن ته رائيونڊ قرنطينه ۾ 142 ۽ فيصل آباد قرنطينه ۾ 5 تبليغين کي وائرس جي تصديق ٿي آهي. بلوچستان ۾ وڌيڪ 5 ڄڻن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي، صوبي ۾ ڪيسن جو انگ 169 ٿي ويو. خيبرپختونخوا ۾ 23 وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جنهن کانپوءِ صوبي اندر ڪيسن جو مجموعي انگ 276 ٿي ويو گلگت بلتستان ۾ اڄ 3 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، مجموعي ڪيسن جو انگ 187 ٿي ويو، آزاد ڪشمير ۾ گذريل ڏينهن 3 ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد انگ مجموعي انگ 9 ٿي چڪو آهي. ملڪ جي گادي واري شهر ۾ اڄ وڌيڪ چئن ڄڻن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي، جتي هاڻي ڪيسن جو انگ 62 ٿي ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *