ميڊيا کي ڌمڪائيندڙن کي تاريخ ياد رکڻ گهرجي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر): پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ناليوارن صحافين جي باري ۾ سوشل ميڊيا تي گٿا لفظ استعمال ڪرڻ ۽ انهن کي نشانو بڻائڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو چيو ته گاريون ڏئي صحافين کي پيغام ڏنو پيو وڃي ته يا ته خاموش رهو يا اڳرن نتيجن لاءِ تيار رهو.بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته انهن غيرمعمولي حالتن ۾ ملڪ کي اتحاد جي ضرورت آهي، تنهن ڪري ڪورونا وائرس جي بدترين چئلينج سان نبرڻ لاءِ اسان کي گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي.پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته جمهوري نظام ۾ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. انساني تاريخ جي ان بدترين بحران ۾ ميڊيا سڄي دنيا ۾ حڪومتن کي انهن قدمن تي جوابده قرار ڏنو آهي، جيڪي سمجهن ٿا ته داٻن سان ميڊيا کي دٻائي سگهجي ٿو انهن کي تاريخ ياد رکڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *