پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جا عالمي اڳواڻن سان ٽيليفونڪ رابطا

اسلام آباد(بيورو): پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي بين الاقوامي اڳواڻن سان ٽيليفونڪ رابطا ڪيا آهن.قطري ڊپٽي وزيراعظم ۽ هم منصب سان ٽيليفونڪ رابطو دوران عالمي وبا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته وبائي چئلينج سان نبرڻ لاءِ قطر جا بروقت قدم واکاڻ جوڳا آهن.پرڏيهي وزير محمد بن عبدالرحمان التهائي کي والاريل ڪشمير جي ڳڻتي جوڳي صورتحال کان آگاهه ڪيو.ٻئي طرف پرڏيهي وزير سيڪريٽري سارڪ جنرل ايسالا رووان ويراڪون سان به ٽيليفونڪ رابطو ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *