معاشري جي خدمت ڪندڙ هر نوجوان ٽائيگر آهي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (بيورو چيف) سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي سڀني سياسي جماعتن کي درخواست آهي ته لفظن بدران ”ڪاز“ کي اهميت ڏني وڃي.ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سماجي خدمتن ۾ نوجوانن سدائين روشن ڪردار ادا ڪيو آهي، ڇو ته اهي بنا ڪنهن مفاد جي خلق جي خدمت جو ڪم انجام ڏيندا آهن، وزيراعظم حقدارن کي گهرن تائين ضروري شيون پهچائڻ جي ذميواري انهن نوجوانن حوالي ڪئي، جيڪي سماجي ڪمن ۾ سدائين عمران خان جا ٻانهن ٻيلي رهيا.هن چيو ته لفظ ”ٽائيگر“ کي ڪنهن سياسي جماعت سان نه ڳنڍيو وڃي، معاشري جي خدمت ڪندڙ هر نوجوان ٽائيگر آهي، عمران خان انهن کي تڏهن کان ٽائيگر قرار ڏئي رهيو آهي، جڏهن هو سياست ۾ به نه آيو هو، اهي ئي نوجوان شوڪت خانم جي اسپتال جي اڏاوت ۾ اڳڀرا هئا.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان کي هڪ ٽيم بڻجي ڪورونا وائرس جهڙي دشمن کي شڪست ڏيڻي آهي، نوجوان قومي خدمت جي مشن ۾ عمران خان جو ساٿ ڏيڻ لاءِ پاڻ کي سٽيزن پورٽل تي رجسٽرڊ ڪرائن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *