ملڪ کي مڪمل لاڪ ڊائون ڪرڻ سان غريب عوام تي خراب اثر پوندا:وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ کي مڪمل لاڪ ڊائون ڪرڻ سان غريب عوام تي خراب اثر پوندا، جيڪڏهن عوام حڪومت سان سهڪار ڪندي ته چين جيان هن ڏکئي وقت مان نڪري وينداسين. قوم سان خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته حڪومت پاران لاڪ ڊائون ڪرڻ بنا ئي عوام احتياط ڪري ۽ پاڻ کي گهرن تائين محدود ڪري. وزير اعظم عمران خان چيو ته ملڪ کي لاڪ ڊائون ڪرڻ لاءِ چيو پيو وڃي، پورو لاڪ ڊائون ڪرڻ جو مطلب آهي، ڪرفيو معنيٰ شهرين کي گهرن تائين محدود ڪرڻ. وزير اعظم چيو ته اسان جا 25 سيڪڙو پاڪستاني غربت جي لڪير کان هيٺ آهن،آئون جيڪڏهن ته پورو لاڪ ڊائون ڪيا ٿو ته رڪشا هلائندڙ ۽ ڏهاڙي ڪمائڻ وارا ماڻهو پنهنجي ٻارڙن کي ڪيئن کارائي سگهندا. وزير اعظم عمران خان چيو ته اسان وٽ ايتري گنجائش ناهي جو پوري ملڪ کي لاڪ ڊائون ڪيون، آئون عوام کي تلڪين ٿو ڪيان ته عوام پاڻ ئي پاڻ کي گهرن تائين محدود ڪري. وزير اعظم چيو ته بيمار ماڻهن جي لاءِ اسان اسپتالن ۾ انتظام ڪيا آهن، بيماري ۾ جيڪڏهن اسان احتياط سان ڪم نه ورتو ته مرض تيزي سان ڦهلجي ويندو. وزير اعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ وڏا وڏا شاپنگ مالز بند ڪري ڇڏيا آهن، عوام غير ضروري طور گهرن کان ٻاهر ڪرڻ کان پاسو ڪري. وزير اعظم چيو ته الله تعاليٰ فرمايو آهي ته قوم تي مشڪل وقت ان جي آزمائش هوندي آهي، جيڪڏهن عوام جو سهڪار ملي ته چين جيان اسان به هن ڏکئي وقت مان نڪري وينداسين. عمران خان چيو ته وبا ۽ لاڪ ڊائون جي حالتن ۾ شهري عذائي کوٽ جي لاءِ پريشان نه ٿين ۽ ذخيرا اندوزي کان پاسو ڪن،اسان وٽ گهڻي مقدار ۾ کاڌي پيتي جو سامان موجود آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *