ڪورونا وائرس: ايران به آمريڪا مٿان الزام مڙهي ڇڏيا

March 22, 2020 at 9:14 pm

تهران(م ڊ) چين کان پوءِ ايران به ڪورونا وائرس کي پکيڙڻ جا الزام آمريڪا مٿان لاڳو ڪري ڇڏيا آهن.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنائي ڪورونا وائرس جي حوالي سان چيو آهي ته آمريڪا جي ايران کي ڪورونا وائرس خلاف وڙهڻ ۾ مدد ڏيڻ جي آڇ حيرت ۾ وجهندڙ آهي ۽ آمريڪا ڪيترائي ڀيرا ايران کي وائرس تي قابو ڪرڻ ۾ مدد جي آڇ ڪئي آهي.هن چيو ته حقيقت ان جي ابتڙ آهي ته آمريڪا جي ذريعي وائرس جي پکيڙن ۾ شڪ ۽ شبها موجود آهن ۽ آمريڪا جي آڇ عجيب آهي ڇو ته آمريڪا کي پاڻ به وائرس تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ايراني سپريم ليڊر چيو آهي ته ايران ۾ صلاحيت موجود آهي ته هو ڪورونا وائرس سميت ڪنهن به قسم جي بحران تي قابو ڪري سگهي.

اي پيپر