شهباز شريف سٺو ٿيو آيو نه ته پارٽي تي سندس دوستن جو قبضو ٿي وڃي ها: فواد چوڌري

اسلام آباد(بيورو): سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته شهباز شريف سٺو ٿيو آيو نه ته پارٽي تي سندس دوستن جو قبضو ٿي وڃي ها.سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته 24 ڪلاڪن جي قرنطينه کانپوءِ هاڻ ئي مونکي رپورٽ ملي َآهي ته ڪورونا وائرس جو منهنجو ٽيسٽ منفي آيو آهي، ٽيسٽ کانپوءِ تائين جو انتظار ڏاڍو ڏکيو هو پر خدا جو شڪر آهي ته سٺي خبر ملي آهي احتياط ڪرڻ ضروري آهي ۽ اسان هن وبا کي شڪست ڏينداسين.فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته شهباز شريف جي فلائيٽ کي اچڻ ڏنو ويو تمام سٺي ڳالهه آهي، هو اپوزيشن ليڊر آهي هن جي واپسي لاءِ ڪافي محنت ٿي نه ته پارٽي تي سندس دوستن جو قبضو ئي ٿيڻ وارو هو، اميد آهي ته باقي فيملي اهڙيءَ طرح واپس ايندي، هن وڌيڪ چيو ته جيڪي پئسا هن وٽ آهن ان جو پلي بارگين ڪري ۽ پوءِ ڀلي لنڊن رهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *