پاڪستاني عوام جو تحفظ ۽ سلامتي اسان جي پهرين ترجيح آهي :فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد( بيورو چيف )  سڌ سماءَ بابت وزير اعظم جي خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستاني عوام جو تحفظ ۽ سلامتي اسان جي پهرين ترجيح آهي، 15 ڏينهن جي لاءِ حڪومت سمورن وفاقي ادارن جي ملازمن جي لاءِ حڪم جاري ڪندي اهم عهدن تي ڪم ڪندڙ اسٽاف ۽ آفيسرن کي حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته 50 سالن جي عمر يا ان کان وڌيڪ عمر جي ملازمن کي گهر ويٺي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نزلو، زڪام، بخار يا ڪنهن ٻئي بيماري ۾ مبتلا ملازمن کي به گهر ويٺي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته جن عورت ملازمن جا ننڍڙا ٻار آهن انهن کي به گهر ويٺي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، پبلڪ سروس ڊيليوري جون سموريون آفيسون بند رهنديون. هن چيو ته ڪورونا وائرس جي خدشي سبب 15 ڏينهن جي لاءِ يڪسائيز، اينڊ ٽيڪسيشن ، پراپرٽي آفيسن سميت بيوٽي پارلرز، سيلون بند رکيا ويندا، شاپنگ مالز رات 10 وڳي بند ڪرايا ويندا، جڏهن ته عوام جي سهولت لاءِ کاڌي پيتي جا ريسٽورينٽس، فوڊ آئوٽ ليڊ ۽ ٽيڪ اوي جي سهولت موجود هوندي. هن چيو ته نادرا، پاسپورٽ اينڊ اميگريشن سميت ٻيا ادارا جن ۾ ماڻهن جي اچ وڃ هوندي آهي اهي ٻن هفتن جي لاءِ بند رکيا ويندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *