ايڪسپو سينٽر جي هڪ هال کان قرنطينه جو ڪم شروع ڪريون ٿا ۽ پوءِ اُن کي اڳتي وڌايو ويندو:وزيراعليٰ سنڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ڪورونا وائرس جي متاثرن لاءِ ڪراچي ايڪسپو سينٽر کي به قرنطينه سينٽر ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ڪور ڪمانڊر ڪراچي به 10 هزار بسترن تي ٻڌل قرنطينه ٺاهڻ لاءِ ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي ڇڏي. وڏي وزير ۽ ڪور ڪمانڊر ڪراچي طرفان گڏيل طور ٽيم به جوڙي وئي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ ٽاسڪ فورس جي اجلاس دوران صحت کاتي جي صوبائي وزير، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل همايون عزيز، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، ڊي جي رينجرز عمر بخاري، آءِ جي پوليس مشتاق مهر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايڪسپو سينٽر کي به قرنطينه ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪو 10 هزار بسترن تي ٻڌل هوندو، وڏي وزير چيو ته ايڪسپو سينٽر جي هڪ هال کان قرنطينه جو ڪم شروع ڪريون ٿا ۽ پوءِ اُن کي اڳتي وڌايو ويندو. اجلاس ۾ ڪور ڪمانڊر ڪراچي طرفان ايڪسپو سينٽر ۾ اسپتال ۽ آئسوليشن سينٽر قائم ڪرڻ واري فيصلي ۾ سنڌ سرڪار سان ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي وئي. فيصلي جي حوالي سان وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪور ڪمانڊر ڪراچي ۽ سنڌ حڪومت جي هڪ ٽيم ٺاهي پئي وڃي، جيڪا ايڪسپو سينٽر کي قرنطينه ۾ تبديل ڪرڻ وارو ڪم انجام ڏيندي. حڪومت طرفان ڪميٽي جو سربراهه سعيد غني ڪندو، جڏهن ته ڪميٽي ۾ ڪشمنر ڪراچي، ڪور ڪمانڊر ڪراچي طرفان برگيڊيئر سميع ۽ سندس ٽيم به شامل هوندي. ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته شهر جي بندش جي صورت ۾ غريب ماڻهو کاڌي خوراڪ لاءِ پريشان هوندا آهن، تنهن ڪري غريب ماڻهن کي گهرن تائين راشن اُماڻڻ چاهيون ٿا. پهرئين مرحلي ۾ هڪ مهيني جو راشن جا ٿيلها گهرن تائين پهچايا ويندا. وڏي وزير 20 لک راشن بيگز غريب ماڻهن جي گهرن تائين موڪلڻ جي هدايت ڪئي، جنهن ۾ چانور، اٽو، ٽن قسمن جون داليون، گيهه، چانهه جي پتي، خُشڪ کير ۽ ٻيا مصالحه شامل هوندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *