اسلام آباد(بيورو)صحت بابت مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته دنيا جي 176 ملڪن ۾ ڪورونا وائرس جا مريض رپورٽ ٿيا آهن، جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، دنيا ۾ وائرس سان متاثرن جو انگ 2 لک 20 هزار آهي پر ڏکي صورتحال ۾ قوم متحد آهي.هن پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي 326 مريضن ۽ ٻن فوتين جي تصديق ڪندي چيو ته هاڻ نيشنل ڊيش بورڊ ٺهي ويو آهي، جنهن سان صورتحال جو جائزو وٺي سگهبو، چين جهڙي ريت وبا تي ضابطو آندو، ان جو مثال نٿو ملي، صدر جي چين جي دوري دوران صحت جي شعبي ۾ بهتري تي ڳالهه ٻولهه ٿي.ان موقعي تي آءِ جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته موجوده صورتحال ۾ پاڪ فوج مڪمل طور متحرڪ ۽ وفاق توڙي صوبن سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي، دعا آهي ته الله پاڪ پاڪستان کي وائرس کان محفوظ رکي.