خواجا سعد رفيق ۽ خواجا سلمان رفيق جيل مان آزاد ٿي ويا

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق ۽ هن جو ڀاءُ خواجا سلمان رفيق جيل مان آزاد ٿي ويا.سپريم ڪورٽ 30-30 لک رپين جي ٻن مچلڪن جي عيوض ضمانت ٻنهي جي منظور ڪئي هئي. خواجا ڀائر پيراگون هائوسنگ اسڪينڊل ڪيس ۾ ڏيڍ سال کان وڌيڪ عرصو حراست ۾ هو.جيل مان آزادي کان پوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ خواجا سعد رفيق ۽ هن جي ڀاءُ پنجاب اسيمبلي جي ميمبر خواجا سلمان رفيق چيو ته قومي احتساب بيورو (نيب) کي ختم ٿيڻ گهرجي، نيب ۽ پاڪستان گڏ نٿا هلي سگهن، آمر مطلق جو بڻايو قانون بدنيتي جي بنياد تي بڻايو ويو هو.خواجا سعد رفيق چيو ته اڄ مير شڪيل الرحمان سان ڇا ٿي رهيو آهي، مير شڪيل الرحمان جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ عمران خان صاحب پنهنجي مخالفن کي برداشت ڪرڻ سکي، ان رويي سان ملڪ نٿو هلي سگهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *