ڪراچي ( بيورو رپورٽ ) سنڌ سرڪار ڪورونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ ٽرين سروس بند ڪرڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته وفاقي سرڪار بلوچستان ۾ قرنطينه سينٽر لاءِ به صحيح انتظام نه ڪيا، سنڌ کي هيل تائين رڳو 200 ڪِٽس مليون آهن. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته سکر ۾ موجود زائرين مان 50 سيڪڙو زائرين کي ڪوروا وائرس جي تصديق ڪئي وئي آهي، جنهن بعد صوبي ۾ مجموعي طور متاثرن جو انگ وڌي 181 ٿي ويو آهي، جن ماڻهن جي ٽيسٽ پوزيٽو آئي آهي انهن کي قرنطينه ۾ شفٽ ڪيو ويو آهي. مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته سکر کانسواءِ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ڪورونا متاثر مريضن جو انگ 38 آهي، انهن مان 2 صحتياب ٿي ويا آهن، جن کي گهر اماڻيو ويو آهي ته رهيل 36 مريضن کي مختلف آئسوليشن وارڊن ۾ شفٽ ڪيو ويو آهي. مرتضيٰ وهاب جوچوڻ هو ته سنڌ سرڪار سمورو ڪم وفاق جي چوڻ تي ڪري رهي آهي، وفاق سان ترجيحي معاملن تي ڪيترن ئي ڏينهن کان ڳالهائي رهيا آهيون، هن چيو ته وزير اعظم جي پنهنجي خطاب ۾ ڪهڙي ترجيح هئي سڀني کي خبر پئجي وئي آهي، تحريڪ انصاف جي هڪ دوست الزام هنيو ته سنڌ کي وڏي تعداد ۾ ڪٽس فراهم ڪيون ويون آهن، مان انهن کي هٿ ٻڌي گذارش ٿو ڪيان ته هي وقت سياست جو ناهي، سياست ڪرڻ جي لاءِ پوري زندگي پئي آهي، هن مسئلي کي گڏ ٿي منهن ڏيڻو آهي. پريس ڪانفرنس دوران مرتضيٰ وهاب چيو ته وفاقي سرڪارڪورونا وائرس جي ٽيسٽ لاءِ رڳو 200 ڪٽس ڏنيون، جيڪي رڳو ٻن اسپتالن ۾ ورهايو ويون. اُن کانپوءِ سنڌ سرڪار هيل تائين 10 هزار ڪِٽس پنهنجي سِر گهرائي چڪي آهي. هيل تائين سموري سنڌ ۾ سرڪاري سطح تي 884 ٽيسٽس ٿي چڪيون آهن. هُن چيو ته وفاق مان جهڙي قسم جي موٽ اچڻ جي اُميد هئي، بدقسمتيءَ سان اُها موٽ نه ملي. گذريل ڏينهن قوم کي ڪيل خطاب مان به وزيراعظم جي سنجيدگيءَ جو پتو پئجي ويو. سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال جي حوالي سان مرضيٰ وهاب چيو ته پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته پابندين تي سختيءَ سان عمل لاءِ اڳتي اچي، اسپتالون بند ڪرڻ جو فيصلو ناهي ڪيو. سمجه ۾ نٿو اچي ته ٽڙين اسٽيشنز ڇو اڃا بند ناهن ٿيون، روزانو هزارين ماڻهو ٽرين تي سفر ڪري رهيا آهن، اُنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪي به اپاءِ نه ورتا ويا آهن. وزيراعظم صاحب! اسان کي واقعي به گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، پريشان ٿيڻ ۽ احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي.