سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ ڪورونا جا وڌيڪ چوونجاهه ڪيس، ملڪ ۾ متاثرن جو انگ ٻه سئو ڇٽيهه ٿي ويو

اسلام آباد/ ڪراچي (بيورو چيف/ بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جو پهريون مريض فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آهي. پنجاب جي صحت کاتي طرفان چيو ويو آهي ته لاهور ۾ ڪورونا وائرس جو شڪار پهريون شهري فوت ٿي ويو آهي. حافظ آباد واسي غلام عمران کي ڪورونا وائرس جي شڪ سبب لاهور جي ميو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جنهن جي ٽيسٽ رپورٽ ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي هئي. اختيارين جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل حافظ آباد واسي ايران مان واپس آيو ته تافتان سرحد وٽ کيس 14 ڏينهن تائين قرنطينه ۾ رکيو ويو هو. اهو عرصو پورو ٿيڻ بعد هو لاهور ويو ته کيس ميو اسپتال جي آءِ سي يو ۾ منتقل ڪيو ويو. ٻئي پاسي ڪراچي: ملڪ ۾ ڪورونا وائرس ڪيسن جي انگ ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي، سنڌ صوبي ۾ وڌيڪ 22، جڏهن ته پنجاب ۾ 26 ۽ بلوچستان ۾ وڌيڪ 6 ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سان متاثر ماڻهن جو انگ 236 ٿي ويو آهي.پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار صوبي ۾ هن وقت تائين 26 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس هئڻ جي تصديق ڪئي ۽ ٻڌايو ته انهن ماڻهن کي بهترين علاج فراهم ڪيو پيو وڃي.هن جو چوڻ هو ته اسان سڀني شڪي مريضن، ڊيره غازي خان جي قرنطينه ۾ موجود 736 زائرين ۽ تفتان کان ايندڙ وڌيڪ هڪ هزار 276 زائرين جون ٽيسٽون ڪنداسين.ان کان اڳ پنجاب/ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد لاهور ۾ پريس ڪانفرس ۾ 6 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس سان متاثر ٿيڻ جي تصديق ڪئي هئي.هن جو چوڻ هو ته پهرين فيز ۾ پنجاب پهچندڙ 42 زائرين جا ٽيسٽ ڪيا ويا هئا، جنهن ۾ 5 مثبت آيا.ان کانسواءِ سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 22 ڪيسن جي تصديق ٿي آهي.ان حوالي سان سنڌ جي صحت کاتي جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر ميران يوسف ٻڌايو ته صوبي ۾ ڪورونا وائرس ڪيسن جو انگ 172 تائين پهچي ويو آهي.هن ٻڌايو ته متاثرين ۾ 134 ماڻهو اهي آهن جيڪي تفتان کان سکر آيا، جڏهن ته 37 ڪيس ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آهن.گڏوگڏ ئي سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب به ٽوئٽ ۾ ٻڌايو ته صوبي ۾ مجموعي ڪيسن جو ڪُل انگ 172 تائين پهچي ويو آهي، جن مان 2 صحتياب ٿي چڪا آهن.ٻئي طرف بلوچستان حڪومت جي ترجمان لياقت شاهواڻي چيو آهي ته ڪوئٽا ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 6 ڪيس سامهون آيا آهن.هن چيو ته بلوچستان ۾ ڪورونا ڪيسن جو مجموعي انگ 16 ٿي ويو آهي ۽ متاثر ٿيندڙ ماڻهو شيخ زيد اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ علاج هيٺ آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *