ڪورونا وائرس: بلاول جو شهيد ڀٽو جي ورسي تقريب ملتوي ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو شهيد ذوالفقار ڀٽو جي ورسيءَ تقريب ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪندي وزيراعظم کان سنڌ جي وڏي وزير جي سفارشن کي فوري منظور ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ اعلان ڪيو ته ڪورونا وائرس جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي 4 اپريل تي شهيد ذوالفقار ڀٽو جي ورسيءَ تقريب ملتوي ڪئي وئي آهي. هُن چيو ته شهيد ذوالفقار ڀٽو جي ورسيءَ جي موقعي تي سموري ملڪ ۾ ريليز روڪڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ بلاول ڀٽو مطالبو ڪيو ته وزيراعظم عمران خان سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي سفارشن کي فوري طور منظور ڪري. بلاول ڀٽو ڪورونا وائرس جي صورتحال ۾ سنڌ حڪومت جي قدمن جي تعريف ڪندي چيو ته وفاقي سرڪار سوڌو ٻين صوبائي حڪومتن کي سنڌ سرڪار کان سکڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *