ڪراچي ۾ ترقياتي منصوبن تي جامع رٿابندي ڪئي وڃي: وزيراعظم جي هدايت

اسلام آباد(بيورو): وزيراعظم سنڌ جي گونر کي هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي جي عوام جي ضرورتن توڙي فلاح بهبود کي مدنظر رکندي ٻين ترقياتي منصوبن جي به جامع رٿابندي ڪئي وڃي.وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم عمران خان سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي ملاقات ٿي، ملاقات ۾ سنڌ صوبي جي مجموعي صوتحال خاص ڪري شهر قائد ۾ وفاقي حڪومت پاران مڪمل ۽ اڻ مڪمل منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.وزيراعطم ڪراچي ۾ عوام جي سهولتن ۽ ضرورتن کي نظر ۾ رکندي وفاقي حڪومت پاران مڪمل ٿيل منصوبن جي حوالي سان سنڌ جي گورنر جي تعريف ڪئي، وزيراعظم چيو ته ڪراچي جي ترقي پاڪستان جي ترقي آهي، ملڪ جي معاشي حب جي ترقي ۽ ان کي موجود مسئلن جو ادراڪ آهي جنهن لاءِ وفاقي حڪومت پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي.وزيراعظم سنڌ جي گورنر کي هدايت ڪئي ته ڪراچي جي ترقي لاءِ جامع رٿابندي ڪئي وڃي، ان حوالي سان وزيراعظم هڪ ميٽنگ جي صدارت ڪندو جنهن ۾ وڌيڪ منصوبن تي غور ڪيو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *