ناراض اڳواڻ گڏ نٿا رهڻ چاهين ته کين ڪڍي ڇڏينداسين: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي سڀني کان وڏي پارٽي مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پارٽي جي ناراض اڳواڻن جو موقف ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ۽ جيڪي گڏ نٿا رهڻ چاهين انهن کي ڪڍيو ويندو.(ن) ليگي اڳواڻن جي پنجاب جي وڏي وزير سان ملاقات جون خبرون ٽي وي تي ڏٺيون آهن. /هن چيو ته مسلم ليگ(ن) ورهائجي ناهي رهي پر هو هڪ ئي پارٽي آهي. البته اختلاف راءِ هر پارٽي ۾ هوندو آهي ۽ ان جو احترام ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته شهباز شريف مجبوري تحت ملڪ کان ٻاهر آهي هن پارٽي کي تمام گهڻو وقت ڏنو.هاڻ کيس به ذاتي معاملن جي لاءِ وقت ڏيڻ گهرجي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته(ن) ليگي اڳواڻن پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ شهباز شريف جي اچڻ جي ڳالهه ڪئي. پارٽي اڳواڻن جو موقف آهي ته اپوزيشن اڳواڻن کي جلد کان جلد اچڻ گهرجي. نوازشريف جهڙي شخصيت ملڪ ۾ ناهي ۽ ان جي بيماري به معمولي ناهي هو علاج کان پوءِ ضرور واپس ايندو.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اپوزيشن ۾(ن) ليگ جي پارٽي ئي ڳالهائي رهي آهي. ٻيون مخالف پارٽيون حڪومت جي خلاف نه ڳالهائين ٿيون ۽ نه ئي عوام جي حق ۾. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو يا اعتزاز احسن جو ڪو مسئلو آهي ته چئي ڏين. ٽي وي تي پنهنجا نمبر نه وڌائين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *