اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عورت مارچ ۾ ثقافتي ٽڪراءُ اڀري سامهون آيو، جيڪو ٻٽي تدريسي نظام جي عڪاسي ڪري ٿو.اسلام آباد ۾ 20 هزار گهرن جي تعمير جي 7 منصوبن جي سنگ بنياد جي تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته سرڪاري ۽ نيم سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهايو ويندڙ نصاب جي بدولت ثقافتي ٽڪراءُ جي خلا اونهي ٿيندي پئي وڃي.هن چيو ته ماڻهو خانگي اسڪول ۾ غير معمولي فيسون ڏئي تعليم حاصل ڪري جڏهن معاشري کي ڏسندو آهي ته کيس بي پناهه خاميون نظر اينديون آهن جيڪي عورت مارچ جي صورت ۾ ڏسي سگهجن ٿيون.وزيراعظم عمران خان چيو ته اپوزيشن جماعتن اسمبلي ۾ نون گهرن بابت سوال اٿاريا پر رڳو پهريون قدم کڻڻ ۾ دير ٿيندي آهي ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڪيترائي مرحلا شامل هوندا آهن ۽ پوءِ ان بعد مسئلا طريقي سان حل ٿي ويندا آهن.هن چيو ته آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ اٽڪل 80 سيڪڙو هائسونگ فنانس تي ٻڌل آهن جڏهن ته پاڪستان ۾ ان جي شرح رڳو 0.2 سيڪڙو آهي، هائسونگ فنانس بابت عدالي فيصلي سان فناسنگ جو رجحان وڌنڌو.عمران خان چيو ته حڪومت گهر نٿي ٺاهي سگهي پر پرائيويٽ سيڪٽر جي بدولت گهر عام آدمي کي ڏئي رهي آهي.