حڪومت ڏکڻ پنجاب کي صوبو بڻائڻ جي لاءِ قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي:شاهه محمود قريشي

اسلام آباد(بيورو)پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حڪومت ڏکڻ پنجاب کي صوبو بڻائڻ جي لاءِ قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اسلام آباد ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي ٻڌايو ته وزير اعظم جي سربراهي ۾ اهم اجلاس رٿيو ويو جنهن ۾ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب سان گڏوگڏ ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ صوبائي وزير ۽ صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن به شرڪت ڪئي.شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته وزير اعظم فيصلو ڪيو آهي ته ڏکڻ پنجاب صوبي جي منصوبي کي عملي صورت ڏيڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ڪيو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ ٻين سياسي پارٽين سان به ڳالهيون ڪيون وينديون ۽ انهن جي به تائيد حاصل ڪئي ويندي.هن چيو ته ٻيون سياسي پارٽيون به اِهو سمجهن ٿيون ته ڏکڻ پنجاب محرومين جو علوائقو آهي جنهن جون محروميون ختم ٿيڻ گهرجي.اجلاس جي تفصيل کان آگاهه ڪندي هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو آهي ته هن سال جي جيڪا بجيٽ بڻائي ويندي ان ۾ آبادي کي نظر ۾ رکندي 35 سيڪڙو فنڊ ڏکڻ پنجاب جي لاءِ مختص ڪيا ويندا جن کي واپس نه ورتو ويندو.پرڏيهي وزير چيو ته گذريل دورن ۾ فنڊ مختص ڪيا ويندا هئا ته بجيٽ ۾ نشاندهي ڪئي ويندي هئي پر هن سال دوران انهن کي واپس ورتو ويندو هو، جڏهن فنڊ جي حقيق استعمال جو وقت ايندو هو ته ڏکڻ پنجاب سان وڪيل واعدو وفا نه ٿيندو هو.پرڏيهي وزير موجب هاڻ بجيٽ ۾ مختص ٿيل فنڊن کي اهڙو تحفظ ڏنو ويو آهي جنهن کي واپس نٿو وٺي سگهجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *