ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ جو ذميوار وفاقي سرڪار کي قرار ڏيندي چيو آهي ته ايئرپورٽس تي سنجيدگي سان ڪم نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ سنڌ سوڌو ٻين صوبن ۾ ڪورنا جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪورونا جي حوالي سان سنڌ سرڪار پهرئين ڏينهن کان ئي متحرڪ آهي ۽ 15 جنوري کان ايران مان پهتل مسافرن جي فهرست گڏ ڪئي وئي آهي. ايف آءِ اي موجب سنڌ سان واسطو رکندڙ 23 ڄڻا ايران مان آيا هئا، اُنهن سڀني جون ٽيسٽس ڪيون ويون آهن، 14 ڄڻن کي ڪورنا وائرس ظاهر ٿيو آهي، جِن مان هڪ ڄڻو صحتياب ٿي گهر پهچي ويو ۽ باقي 13 مريضن جو علاج هلي رهيو آهي. سنڌ سرڪار جي ترجمان چيو ته ڪورونا جي حوالي سان سڄي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽيسٽس سنڌ ۾ ڪيون ويون آهن، سمورا مريض ٻين ملڪن مان پاڪستان ۾ داخل ٿيا هئا. ڪورنا وائرس جا سمورا متاثر جهاز ذريعي ڪراچي ايئرپورٽ پهتا، ايئرپورٽس تي مسافرن جي اسڪريننگ صحيح نموني نه پئي ٿئي ۽ اها ذميواري وفاقي حڪومت جي آهي، لڳي ٿو ته وفاقي سرڪار سنجيده نه آهي ۽ اُنهن جي ئي غيرسنجيدگيءَ جي نتيجي ۾ سنڌ سوڌو ٻين صوبن ۾ ڪيس ظاهر ٿيا آهن. ڪراچي ايئرپورٽ تي نگراني وڌائڻ لاءِ سنڌ سرڪار وفاقي حڪومت سان سهڪار لاءِ تيار آهي. هي انتهائي حساس معاملو آهي ۽ وزيراعظم کي پاڻ کي اهو معاملو ڏسڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ اندر تعليمي ادارا 16 مارچ کان کولڻ يا نه کولڻ جي حوالي سان هڪ ٻن ڏينهن ۾ فيصلو ڪيو ويندو، في الحال اسڪول وڌيڪ عرصي تائين بند رکڻ جو فيصلو ناهي ٿيو. سنڌ حڪومت ڪِٽس خريد ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺي رهي آهي. وفاقي حڪومت جي ڪارڪردتي افسوس آهي جو ڪابينا اجلاس ۾ ڪورونا وائرس تي بريفنگ نه ڏني وئي، وزيراعظم پاڻ اڳيان اچي.