سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 2 ڪيس سامهون اچي ويا، انگ 18 ٿي ويو،وڏي وزير جو ڀيڻيوئو به وائرس ۾ مبتلا

ڪراچي(م ڊ) سنڌ صوبي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 2 ڪيس سامهون اچي ويا جنهن کان پوءِ صوبي ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 15 ٿي ويو.سنڌ جي صحت واري کاتي جي ترجمان طرفان 2 نون ڪيسن جي باري ۾ ٻڌايو ويو ته پهريون ڪيس حيدرآباد مان آهي جڏهن ته ٻيون ڪيس ڪراچي مان آهي.ان حوالي سان وڌيڪ ٻڌايو ويو ته حيدرآباد ۾ جنهن مريض ۾ ڪيس سامهون آيو جيڪو شام جو دوحا رستي آيو هو جڏهن ته ٻيون مريض ايران مان دبئي رستي پاڪستان پهتو هو.ترجمان موجب ڄاڻايل ماڻهن جي رابطي ۾ ايندڙ ماڻهن جي ٽيسٽ جي لاءِ رابطا ڪيا ويا آهن.ڪالهه ڪراچي ۾ متاثر ماڻهن جو انگ وڌي 13 تي پهتو هو  اڄ سڀ کان وڌيڪ 9 ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن کان پوءِ پاڪستان ۾ گڏيل انگ 18 ٿي ويو آهي جڏهن ته هڪ مريض کي مڪمل صحتيابي کان پوءِ اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو آهي.سنڌ جي صحت کاتي طرفان جاري بيان جي موجب 8 وڌيڪ ڪيسن جي تصديق ٿي آهي جنهن ۾ 5 ڄڻا شام کان دوحا رستي ڪراچي آيا ۽ 3 لنڊن کان دبئي رستي گذريل هفتي ڪراچي پهتا هئا.بيان ۾ چيو ويو آهي ته متاثر ماڻهن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيئن وڌيڪ ٽيسٽون ڪري سگهجن.ان کان اڳ سنڌ جي صحت واري کاتي جي ڪوآرڊينيٽر ميران يوسف چيو هو ته ڪراچي سان تعلق رکندڙ 53 سالن جي شهري جي ٽيسٽ ڪئي وئي جيڪا هاڪاري آئي.سندس چوڻ هو ته متاثر شهري شام دوحا رستي ڪراچي آيا هئا جڏهن ته هنن سان تعلق رکندڙ سمورن ماڻهن جو آئسوليشن ڪيو ويو آهي.ان کان سواءِ صحت واري وزير اعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا به سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جي ذريعي ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي 9 ڪيسن جي تصديق ڪئي.ٻئي پاسي وڏي وزير مراد علي شاهه جي ايران مان واپس آيل ڀيڻيوئي کي ڪورونا جون علامتون نظر اچڻ بعد نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته 19هين گريڊ جو آفيسر مهدي شاهه تازو ايران کان واپس پهتو هو، ڪورونا وائرس جون علامتون نظر اچڻ بعد کيس ڪراچي جي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ اُتي ڪورونا جي حوالي سان ٽيسٽ به ڪئي وئي آهي. مهدي شاهه وڏي وزير مراد علي شاهه جو ڀيڻيويو آهي ۽ سندس ويجهن مائٽن جو چوڻ آهي ته تازو ايران کان واپس اچڻ بعد هُن ۾ ڪورونا جون علامتون نظر آيون آهن. ٻئي پاسي صحت کاتي مهدي شاهه کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق ٿيڻ وارين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *