سنڌ ۾ سامهون آيل سمورا ڪيس پرڏيهه مان آيا آهن ۽ مقامي سطح تي وائرس جي پکڙجڻ جي هن وقت تائين تصديق ناهي ٿي:عذرا فضل پيچوهو

ڪراچي(اسٽاف رپورتر)سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ويڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ سامهون آيل سمورا ڪيس پرڏيهه مان آيا آهن ۽ مقامي سطح تي وائرس جي پکڙجڻ جي هن وقت تائين تصديق ناهي ٿي.سندس چوڻ هو ته اسان پاليسي بڻائي آهي جنهن جي تحت جيڪي به اهڙن ملڪن مان اچي رهيا آهن جتي ڪورونا وائرس ڦهليل آهي ان کي اسان آئسوليشن ۾ رکي رهيا آهيون انهن ۾ ڪا به علامت اچي ٿي ته اسان ٽيسٽ ڪرائي انهن کي اسپتال ۾ داخل ڪرائي رهيا آهيون.هن چيو ته اِها پاليس  ڪجهه حد تائين ڪامياب آهي ۽ ڪوشش آهي ته اِها گرمين جي موسم تائين هلي ۽ اميد آهي ته گرمين ۾ وائس جي طاقت گهٽ ٿي ويندي.صحت واري وزير جو چوڻ هو ته عوام کي مشورو ڏينداسين ته هجوم ۾ نه وڃي ۽ پاڻ کي گهرن تائين محدود رکڻ جي ڪوشش ڪري.هن وڌيڪ چيو ته اسان پي ايس ايل ۽ اسڪولن کي بند رکڻ جي حوالي سان ڪو به فيصلو ناهي ڪيو، ان حوالي سان وڏي وزير جي ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *