تحريڪ انصاف جي ترجيحن ۾ سنڌ صوبو شامل ناهي، پنهنجا حق وٺي رهنداسين: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (اسٽاف رپورتر) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ قانون، ماحوليات واري صوبائي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سنڌ اسيمبلي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس سان خطاب ڪندي چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي ترجيحن ۾ سنڌ صوبو شامل ناهي وزير اعظم ۽ ان جي قيادت اڃان تائين اهل سنڌ سان ڪيل واعدو وفا ناهي ڪيو. هن چيو ته حيدرآباد ۾ پبلڪ يونيورسٽي جي قيام جو اعلان ڪئي هڪ سال گذري ويو آهي، پر اڃان تائين ان ڏس ۾ ڪنهن به قسم جي اڳڀرائي ناهي ٿي ۽ وفاقي بجيٽ ۾ ڪا به رقم ناهي رکي وئي هن چيو ته وزير اعظم جو ڪراچي جي لاءِ 162 ارب روپين جي ترقياتي پئڪيج جي ڳالھ به هوائي ڳالھ ثابت ٿئي ۽ ان تي ستم اهو آهي ته تحريڪ انصاف جي مقامي قيادت گمراھ ڪندڙ بيان سان سنڌ جي عوام ۾ ڪنفيوزن پکيڙي رهي آهي. هن چيو ته تحري انصاف جي مقامي قيادر ڪراچي جي رهاڪن سان مستل ڪوڙ ڳالهائي سياسي پبلسٽي حاصل ڪرڻ لاءِ پريس ڪانفرنس جو سهارو وٺندي آهي جڏهن ته انهن جي سياسي ڳالهين ۾ ڪا به سچائي ناهي هوندي هو پنهنجو پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ مستقل ڪوڙ تي ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن ڇو ته سنڌ ڪوڙ ان وقت پڪڙيو ويندو آهي جڏهن ته ليڊر انگ اکرن بابت الڳ الڳ بيان ڏيندو آهي. هن چيو ته وزير اعظم عمران خان گذريل حڪومت جي ترقياتي ڪنصوبن جو ڪريڊٽ وٺڻ لاءِ منصوبن تي تختيون لڳرائيندو آهي. ۽ ان جو افتتاح گورنر ڪندو آهي ڇو تٿه وزير اعظم کي احساس آهي ته هو عوامي رد عمل کي منهن نٿو ڏئي سگھي. هن چيو ته تحيرڪ انصاف جي قيادت پاڻ ۾ وڙهي رهي آهي انهن جا ليڊر پاڻ ۾ دست گريبان آهن هو معمولي ڳالهين ۾ مغلضات جو سهارو وٺندا آهن ۽ بعد ۾ ڪارڪن پاڻ ۾ وڙه ندا آهن ڇو ته اها ان اهل جماعت سياسي انتشار جو مرڪب آهي انهن جو يقين لٽ ڦر ۽ ماڻهن کان ڇنڻ آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *