انساني حقن جا ادارا ڪشميري ڌيئرن جي حقن لاءِ نٿا ڳالهائن،اسان کي ڪشمير جي ڌيئرن جو مسئلو اٿارڻو آهي : فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (بيورو)سڌ سماءَ بابت وزيراعظم جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڌيئرون مارچ ضرور ڪن پر معاشرتي ڏڦيڙ پيدا ڪندڙن جي حوصلا افزائي نه ڪن.عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پاڪستان ۾ عورتون باصلاحيت آهن، انهن هر شعبي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، اسان کي اڄ پاڪستاني هجڻ تي فخر آهي.هن چيو ته رڳو 8 مارچ ڇو پر هر ڏينهن عورتن کي بااختيار بڻائڻ جو ڏينهن آهي، اڄ سڀني کي پنهنجي مائرن کي سلام ڪرڻ جو ڏينهن آهي ۽ مون کي اسلامي فلاحي رياست جو حصو هجڻ تي فخر آهي، نئين پاڪستان ۾ عورتن کي انهن جا سمورا حق ملندا، عورتن جي حقن جي تحفظ لاءِ وڌيڪ قانون سازي ڪئي پئي وڃي، خوش قسمتي سان پاڪستان تبديل ٿي رهيو آهي.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اڄ اسان کي ڪشمير جي ڌيئرن جو ذڪر ڪري دنيا جو ضمير جنجهوڙڻو آهي، انساني حقن جا ادارا ڪشمير جي ڌيئرن جي حقن تي چُپ آهن، جنهن سان ڀارتي جارحيت عروج تي آهي، اسان کي ڪشمير جي ڌيئرن جو مسئلو اٿارڻو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *