ڪراچي (نمائندن وٽان) پاڪستان سوڌو سموري دُنيا ۾گذريل ڏينهن 8 مارچ تي عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو. ملڪ جي ٻين صوبن جيان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به عورت مارچ جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون. ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سوڌو ٻين شهرن ۾ عورتن طرفان ريليز ۽ مارچ ڪڍي عورتن جي حقن لاءِ آواز اُٿاريو ويو. مارچ ۾ شامل عورتون عورتن تي تشدد، آفيسرز ۾ عورتن کي هراسان ڪرڻ ۽ ڪاروڪاري ۾ قتل سوڌو عورتن تي ٿيندڙ ٻين ظلمن خلاف نعرا هيان. اُن حوالي سان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا . عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد معاشري ۾ عورتن کي هڪجيترو حق ڏيارڻ ۽ مٿن ٿيندڙ ظلم خلاف آواز اُٿارڻ آهي، اُن کانسواءِ هن ڏهاڙي جي موقعي تي عورتن سان امتيازي رويي جي خاتمي لاءِ به ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ورجايو ويندو آهي. اسلام آباد، لاهور، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ عورتن جي آزادي حوالي سان مارچ ڪڍيا ويا. هٿن ۾ کنيل بئنرز ۽ پلي ڪارڊ تي لکيل مختلف نعرن ذريعي عورتن جي حقن لاءِ آواز اُٿاريو ويو