اسلام آباد(بيورو): وزيراعطم جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته عورت مارچ جي نالي تي ڪجهه ماڻهو قوم جي عورتن کي گمراهه ڪري رهيا آهن.فردوس عاشق اعواڻ اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته عورتون معاشري جون باختيار شهري آهن ۽ حڪومت عورتن کي معاشي محاذ تي حصيدار بڻائڻ طرف وڃي رهي آهي، قرآن چادر ۽ چوديواري جون حدون واضح ڪري چڪو آهي، اسلامي اصولن جي روشني ۾ پاڪستان جوبنياد رکيو آهي، عربن ۾ عورتن کي قتل ڪيو ويندو هو، ان سوچ کي ختم ڪرڻ لاءِ اسلام جو ظهور ٿيو.فردوس عاشق وڌيڪ چيو ته اسان جون ڪجهه ڀينرون ۽ ڌيئرون عورت مارچ جي نالي تي بحث هيٺ آيون آهن، پرامن احتجاج هر شهري جو حق آهي پر اسام جون ڀينرون عورتن کي بااختيار ڪرڻ جي نالي تي جيڪي نعرا استعمال ڪري رهيون آهن اهي ڪنهنجي معاشري جي عڪاسي ڪن پيون، اسان جي معاشري جا بنياد مذهبي ۽ ثقافتي قدر آهن، اهڙي قسم جي نعرن سان عورتن کي ڪهڙي طاقت گهرجي؟ ان سوچ کان متاثر وڌيڪ منهنجون ڌيئرون آهن، اهڙي سوچ رکندڙ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو آهن جيڪي پوري قوم جي عورتن کي گمراهه پيا ڪن.