اسلام آباد (بيورو)وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عام ماڻهو تي بار وجهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.وزيراعظم جي صدارت هيٺ رياستي ملڪيتي ادارن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري لاءِ قدمن جي جائزي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ توانائي واري وزير عمر ايوب خان، منصوبابندي واري وزير اسد عمر، نجڪاري واري وزير محمد ميان سومري، هوابازي واري وزير غلام سرور خان، ناڻي بابت صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ، واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود، اطلاعات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ، خاص مددگار نديم بابر ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ پيٽروليم ۽ توانائي وزارت طرفان گذريل 18 مهينن ۾ ذيلي ادارن ۾ انتظامي ڍانچي ۾ سڌارن، پيٽروليم ۽ توانائي وزارت کي پيش مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ غور هيٺ تجويزن تي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته ٽيڪسن ۾ واڌ ۽ انهن ادارن جي مجموعي ڪارڪردگي ۾ بهتري جي حوالي سان کنيل قدمن بابت به آگاهه ڪيو ويو.ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته توانائي جي شعبي ۾ پيش مسئلن تي ضابطي لاءِ حڪومت پهرين ڏينهن کان هنگامي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، توانائي جي شعبي ۾ سنگين انتظامي مسئلا ورثي ۾ مليا، ان باوجود اسان جي پهرين ترجيح رهي آهي ته انهن مسئلن سان عوام تي گهٽ کان گهٽ بار پوي، توانائي جي شعبي ۾ مسئلن تي ضابطي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻا پوندا، ان ڏس ۾ ڀرپور عوامي آگاهي مهم هلائي وڃي ته جيئن عوام کي مسئلن جي نوعيت ۽ انهن جي حل لاءِ هڪومت طرفان ڪوششن تي اعتماد ۾ وٺي سگهجي.هن چيو ته ڪرپشن ۽ نااهلي نظام جي بنيادن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، بجلي ۽ گئس جي چوري ۾ ملوث عنصرن کي عوام جي مدد سان قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي، کين سزا ڏني ويندي، رڳو انتظامي سطح تي تبديليون موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪافي نه هونديون.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پيٽروليم ۽ توانائي وزارت ۾ هر سطح تي بهترين پروفيشلنز ۽ ٽيڪنالاجي تي زور رکندڙ ماڻهن جون خدمتون حاصل ڪرڻيون پونديون.